وسيم اختر کي ڪهڙي طاقت ڪم کان روڪيو؟ڪراچي کي برباد ڪندڙ ٻين تي الزام پيا هڻن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات ، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ،  ميئر ڪي ايم سي وسيم اختر جي بيان ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي صفائي مهم تي ردعمل ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي کي برباد ڪندڙ اڄ ٻين تي الزام تراشي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي تباهي جو سنڌ حڪومت تي الزام اڄ جو وڏو لطيفو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ميئر کان ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي اهو صرف الزام هڻندو رهندو آهي. هن چيو ته وسيم اختر ٻڌائي ته ڪهڙي طاقت هن کي شهر جي صفائي سٿرائي کان روڪيو آهي؟ پنهنجي نااهلي ۽ غفلت ٻين تي ٿوپڻ کان پري رهو. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هر ادارو ۽ شخص پنهنجي ذميواري نڀائي ها ته ڪراچي وارا سک جو ساهه کڻن ها. هن چيو ته افسوس ڪراچي جي دعويدارن ئي هن شهرکي نوچي تباهي جي ڪناري تي پهچايو. هن چيو ته بحري معاملن واري وفاقي وزير جي صفائي مهم صرف  فوٽو سيشن کان وڌ ڪجهه به نه آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جو وڌيڪ چوڻ هو ته بحري معاملا سنڀالي نه ٿا سگهن ۽  هليا آهن شهر صاف ڪرڻ. هن چيو ته بلدياتي ادارن جي ڪمن کي پنهنجي کاتي ۾ سونپڻ ڪو پي ٽي آءِ وارن کان سکي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته علي زيدي صاحب ڊي ايم سي ڪيماڙي جي صفائي مهم جو ڪريڊٽ ٽوئٽ ڪري پنهنجي کاتي سونپي ڇڏيو، زيدي صاحب ۽ ان جي فوٽو سيشن ٽيم لاءِ دعاگو آهيون. هن چيو ته نالا صاف ڪرڻ جا دعويدار اهو ڄاڻي وٺن ته ڪراچي ۾ 556 وڏا ننڍا نالا آهن.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.