والاريل ڪشمير جي عوام جي ڊگهي اذيت ناڪ رات جي پڄاڻي جو وقت اچي ويو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکندي ڀارت جي هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو عزم ورجايو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان هٿين خالي ڪشيرين تي ڀارت طرفان ڪلسٽر بمن جي استعمال جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪائونسل جو جلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف، نيول چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ڊي جي آءِ ايس آءِ، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن جي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پڌرنامي موجب اجلاس دوران ڪشمير ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار بعد اتفاق ڪيو ويو ته ڀارت پاڪستان کي ڀڙڪائڻ لاءِ ايل او سي تي شهرين مٿان ڪلسٽر بم استعمال ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ واڌو ڀارتي فوج جي مقرري ٻرندي تي تيل هارڻ برابر آهي. پڌرنامي موجب اجلاس دوران چيو ويو ته ڀارت والاريل ڪشمير بابت مونجهارو ۽ غلط ڄاڻ پکيڙي پنهنجا ڪڌا عزم لڪائڻ چاهي ٿو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڀارت پنهنجا ڪڌا حربا ڇڏي تڪرار جي پرامن حل لاءِ اڳتي وڌي. ڀارتي قدمن سان والاريل ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب ٿي رهي آهي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو. پاڪستان ڪشميرين سان سدائين گڏ آهي، کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. عمران خان چيو ته پاڪستان ڪنهن به ڀارتي اڳرائي جو پوري قوم جي حمايت سان منهن ڏيندو. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان ڀارتي اڳرائين ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت ٽوئيٽس ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪلسٽر بمن جي استعمال جي سخت لفظن جي مذمت ڪئي، وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪلسٽر بمن جو استعمال ڪري 1983 واري معاملي جي پنهنجي ئي وعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن جو نوٽيس وٺي، عمران خان هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته هي وقت آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي ڊگهي اذيت ناڪ رات جو خاتمو ٿئي. گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ ڪشميرين کي پنهنجو خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي آزاد هئڻ گهرجي. عمران خان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جو واحد رستو رڳو “پرامن ڪشمير“ مان گذري ٿو.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.