شيخ رشيد سان ايران جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفو تعاون جاري رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي معاملن تي ڳالهيون ڪيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي جي حوالي سان معاملن تي بحث ڪيو ويو، ٻه طرفو تعاون جاري رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ سيڪريٽري، چيئرمين ريلوي حبيب رحمان ۽ ٻيا آفيسر هئا، شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، هن ٻنهي ملڪن ۾ امن ۽ ڀائپي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدمن کي بهتر۽ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو، وفاقي وزير ڪوئيٽا، تفتان سيڪشن جي اپ گريڊيشن ايران پاران ٽيڪنيڪل ٽيم کي دوري جي دعوت ڏني، هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ريلوي ذريعي واپار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، ريلوي جي وزير چيو ته ريلوي ۾ عوام لاءِ سهولتن لاءِ ريلوي وزارت پرازم آهي، ڪوئيٽا تفتان ريلوي سان واپار وڌائڻ سان معاشي ترقي ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن پاران ريلوي جي حوالي سان فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا، جيڪي ريلوي جي ٻه طرفي معاملن جو جائزو وٺندا، ايراني سفير، اسلام آباد، تهران، استمبول ڪنٽينير ٽرين جي ٻيهر شروع ڪرڻ جو اظهار ڪيو.

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.