بلاول ڀٽو زرداري کي سخت سيڪيورٽي خدشا، بلاول هائوس کي بم سان اڏائڻ جي به ڌمڪي جو انڪشاف، عدالت جو نوٽيس

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سخت سيڪيورٽي خدشا لاحق ٿي ويا وڪيل پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول هائوس کي بم سان اڏائڻ جي به ڌمڪي جي انڪشاف تي عدالت وفاقي حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪيورٽِ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي وڪيل ٻڌايو ته بلاول ڀٽو کي سخت سيڪيورٽي خدشا آهن بلاول هائوس کي بم سان تباهه ڪرڻ جا به ٿريٽس آهن صوبائي حڪومت مڪمل سيڪيورٽي ڏي ٿي پر وفاقي حڪومت سهڪار نٿي ڪري بلاول ڀٽو سڄي ملڪ ۾ سفر ڪري ٿو کيس سيڪيورٽي خدشا آهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته بلاول ڀٽو کي ڪيتري سيڪيورٽي آهي ڪيتريون موبائيلز گڏ هونديون آهن ڇا هو ملتان وڃي ٿو ته کيس سيڪيورٽي نٿي ملي ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 18 ترميم کان پوءِ صوبائي حڪومت سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي عدالت وفاقي حڪومت کان وي آءِ پي شخصيتن جي سيڪيورٽِ بابت پاليسي طلب ڪري ورتي جڏهن ته بلاول ڀٽو کي ٿريٽس جي حوالي سان وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ حڪم ڏنو ته وفاق ٻڌائي ته ٻين صوبن ۾ وي آءِ پي شخصيتن جي سيڪيورٽي جو ڪهڙو قانون آهي.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.