تازيون خبرون

50 نيون اسپتالون تعمير ڪرڻ جو اعلان، نرسنگ يونيورسٽي سان صحت جي شعبي ۾ ترقي ٿيندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2015 ۾ شروع ڪيل قومي صحت جي پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ 50 نيون اسپتالون تعمير ڪيون وينديون هو جمعي تي ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمانڊر نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان به تقريب ۾ خاص شرڪت ڪئي. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بحرين پاران ڏنل تحفو آهي ۽ ان جو ڳانڍاپو رائل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان ٿيندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽريننگ اسٽاف جي کوٽ کي سامهون رکندي بحرين جو اهو منصوبو صحت جي سارسنڀال واري شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته نرسنگ ڪيئر جي شعبي کي ماضي ۾ نظرانداز ڪرڻ سبب وڏا مسئلا پيش آيا. ان لاءِ ان سلسلي ۾ سنجيده ڪوششون کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ نرسنگ جي پيشي جو معيار وڌندو ۽ اهو بين الاقوامي معيارن تي پورو لهندو. هن ان منصوبي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي علامت قرار ڏيندي ان لاءِ شاهه بحرين حمد بن عيسيٰ الخليفا جا ٿورا مڃيا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *