تازيون خبرون

3 وحشي جوابدارن جي نوجوان ناري سان لجالُٽ، ناري کي حمل جي تصديق، وارثن جو ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج

پنوعاقل ( رپورٽر )3 وحشي جوابدارن جي نوجوان ناري سان لجالُٽ، ناري کي حمل جي تصديق، وارثن جو ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج، عدالتون ۽ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن، جوابدارن خلاف قدم نه کنيو ته پاڻ ساڙي ڇڏيندس، رپورٽ موجب، وحشيت جو شڪار ناري رابعه، ڀيڻ فرزانه بي بي، ماءُ بشيران بي بي ۽ ڀاءُ غلام قاسم ۽ ٻين ميڊيا سينٽر آڏو سخت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ضلعي بهاولپور جي تعلقي احمدپور ۾ بٺي مالڪ ملڪ عابد جي سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا هئا سين ته بٺي جي منشين جوابدار آصف علي، نور محمد ۽ حضور بخش خان بلوچ 14 سالن جي ناري رابعه سان زبردستي لجالُٽ ڪندا هئا. هنن ڌمڪيون ڏنيون ته ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي ته سڀني کي قتل ڪري ڇڏينداسين. اسان جي مٿان پهرو ڏيندا هئا اسان کي يرغمال بڻائي رکيو ويو هو. اسان رات جي انڌيري ۾ وجهه وٺي پيري پنڌ ڪري ريل رستي پنهنجي گهر پنوعاقل ۾ پهتا آهيون. هو اسان جي تلاش ۾ آهن ۽ هو بااثر آهن اسان کي جان ۽ مال جو خطرو آهي هنن ميڊيا وارن کي اپيل ڪئي ته هو اسان مظلوم خاندان جي واهر ڪن. اسان جو آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو وڃي. مظلوم ناري رابعه روئيندي مُلڪ جي عدالتن، حڪومت پنجاب ۽ حڪومت سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته وحشي جوابدارن خلاف قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ناري چيو ته جيڪڏهن وقت جي حڪمرانن انصاف نه ڏياريو ته مان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس. ٻي طرف پنوعاقل تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي آسما ناري کي 3 مهينن جي حمل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *