تازيون خبرون

27 ڊسمبر خير سان گذري ويندو، اسان کي زرداري صاحب جا فرمان ٻڌڻ ڏنا وڃن، بعد ۾ پنهنجون گذارشون پيش ڪنداسين: خواجه سعد رفيق

لاهور (اين اين آءِ) 27 ڊسمبر خير سان گذري ويندو، اسان کي زرداري صاحب جا فرمان ٻڌڻ ڏنا وڃن، ان کانپوءِ اسان پ پ کي پنهنجون گذارشون پيش ڪنداسين، هو پنهنجي نئين پٽ جي سياست کي تربيت ڏئي، پاڪستان ريلوي ڪرسمس پيس ٽرين هلائي هڪ تاريخ ڪم ڪيو آهي، دهشتگردي پاڪستان جو اصل چهرو نه آهي پر مذهبي هم آهنگي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪو ڪرسمس پيس ٽرين هلائي وئي آهي اهو اصل چهرو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ريلوي اسٽيشن تي ڪرسمس پيس ٽرين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي بادشاهي مسجد جي خطيب عبدالخبير آزاد ۽ فادر جيمز سميت ساڻس ٻيا به گڏ هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ريلوي ڪرسمس پيس ٽرين هلائي هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي، خواجه سعد رفيق چيو ته 27 ڊسمبر ايندو ۽ خير سان گذري ويندو، آصف علي زرداري 18 مهينن کانپوءِ وطن واپس آيو آهي، اسان ڪا سخت ڳالهه ڪري ان جي خوشي کي خراب ڪرڻ نٿا چاهيون اسان چاهيون ٿا ته هو هتي رهي ۽ پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪري ان سان گڏ پنهنجي پٽ جي سياسي تربيت به ڪري، چانڊيو صاحب اسان جو دوست آهي، اسان کي ان جون ڳالهيون خراب نه لڳنديون آهن، هن چيو ته اسان اڄ جي ڏينهن مسيحي برادري جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *