تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

2018 تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ وسيع اقتصادي موقعن ۽ صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ضروري آهي، هو سومر تي پي ايم هائوس ۾ توانائي بابت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي واري جائزي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن صرف 2018 تائين ملڪ مان بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ تائين محدود نه آهن پر حڪومت جي ڊگهن منصوبن ۾ 2022 تائين 30 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي ويندي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ ايڏي وڏي سيڙپڪاري پهريان ڪڏهن به نه ٿي آهي جنهن جو مقصد پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ مستقبل جي تقاضائن کي مد نظر رکڻ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته بدقسمتي سان گذريل 15 سالن دوران گذريل حڪومتن ان مسئلي کي نظرانداز ڪيو، هن چيو ته بجلي جي پيداوار ۾ واڌ سان اقتصادي ترقي ۾ واڌ ٿيندي ۽ صنعتي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون، هن چيو ته هو منصوبن جي وقت تي پڄاڻي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جاري بجلي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي، اجلاس کي پاڪستان ۾ بجلي جي جاري منصوبن جي گنجائش ۽ وقت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 7 کان 8 هزار ميگاواٽ جي امڪاني شارٽ فعال جي مقابلي ۾ مارچ 2018 تائين اٽڪل 10 هزار 996 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي، نيشنل گرڊ ۾ بجلي جي وڏي واڌ جي نتيجي ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي سمورن حصن ۾ ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ به ڪم جاري آهي جنهن جي وزارت پاڻي ۽ بجلي نگراني ڪري رهي آهي، اضافي گنجائش لاءِ نظام کي هٿي ڏيڻ جو عمل 2017 جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن سان ملڪ جو 90 سيڪڙو ٽرانسميشن سسٽم رڪاوٽن کان پاڪ ٿي ويندو، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال،خواجه آصف، طارق فاطمي، شهباز شريف ۽ سينيئر اختيارن شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *