تازيون خبرون

ڳڙهي خيرو- رتوڇاڻ سنڌ قبيلائي دهشتگرديءَ مان ڪڏهن آجي ٿيندي؟: نسيم بخاري

جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو ويجهو ڳوٺ لعل بخش سومرو ۾ 600 جريب سرڪاري زمين جي مالڪي تان سومرا، رند ۽ ڏاهاڻي برادري جي وچ ۾ خونريزي ٿي آهي، جنهن ۾ چئن ڀائرن سوڌو اٺ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جهيڙي ۾ جديد هٿيارن سان ڪيل ڇتي فائرنگ علائقي کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، چئن ڪلاڪن تائين ڌريون مورچا بند ٿي گولين جا ڌوڙيا وسائينديون رهيون، فائرنگ ۾ ڏاهاڻي برادري جا ٻه ڄڻا حميد ۽ معشوق مارجي ويا آهن، جڏهن ته سومرا برادري جا 4 ڀائر مراد، غلام علي، حميد عرف ڪالو، امير بخش، منظور ۽ گل خان قتل ٿي ويا آهن.

سومرا برادري جي پيءَ پٽ سوڌو ٽي ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر پوليس اٽالن ۽ بڪتربند گاڏين سان پهچي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ روڪرائي. سومرا برادري جي ڇهن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس پهري ۾ ڳوٺ پهچايا ويا. ايس ايس پي جيڪب آباد وقتائتي ڪارروائي ڪري واردات ڪندڙ 15 ڄڻن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو آهي، جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. اسان وٽ قبيلائي دهشتگرديءَ وارين وارداتن کانپوءِ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهو، گهڻي ڀاڱي قانون قابو نه ڪري سگهندو آهي، پر ڳڙهي خيري ۾ ٿيل خونريزيءَ جي جوابدارن جي ٿڏي تي گرفتاري هڪ مثبت عمل آهي، جنهن جي ذريعي قانون جي بالادستيءَ وارو ويساهه وڌي ٿو ۽ ان جي ڪري ئي امڪاني خطرن جا گهنڊ به گهٽجي وڃن ٿا.

ڳڙهي خيري ۾ ٿيل خونريزيءَ کانپوءِ اتي خوف ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال بدستور جاري آهي. ڌريون مورچابند آهن ۽ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي پوڻ جو امڪان بهرحال موجود آهي. سومرا برادري جي عورتن پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي احتجاج ڪيو آهي، رندن ۽ ڏاهاڻين تي حملي جي اڳڀرائي واري تهمت مڙهي آهي. سومرا برادري جي عورتن جو چوڻ آهي ته زمين اسان جي آهي، رندن جو چوڻ آهي ته سومرن اسان تي حملو ڪيو. ڌرين ۾ ڪيتري ئي عرصي کان کڻت واري سرڪاري زمين تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي، علائقي جي بااثر ڀوتارن ۽ انتظاميا کي پوري پوري ڄاڻ هئي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اهو به رپورٽ ڪيو آهي ته ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو پوليس نفري کي هڪ ڪلوميٽر پري بيهاري تماشو ڏسندو رهيو.

ڳڙهي خيري ۾ ٿيل خونريزي واري واقعي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. ان رپورٽ ۾ واقعي جون ڪهڙيون به حقيقتون بيان ڪيون وڃن پر اهو طئه آهي ته جن انساني زندگين جو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو ڪڏهن نه ٿيندو ۽ نه ئي وري اهو ممڪن به آهي.

مان اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته پاڻ وٽ واقعن ٿيڻ کانپوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رپورٽنگ کانپوءِ انتظاميا جا ڪن کڙا ٿيندا آهن، بااثر ٻولڻ لڳندا آهن ۽ حڪمرانن کي افسوس ٿيڻ لڳندو آهي. سوال اهو آهي ته وارداتن ٿيڻ کان اڳ انهن جي رستا روڪ واري ايجنڊا ڪنهن کي ڪيتري ياد هوندي آهي؟ ڳڙهي خيري ۾ جيڪا خونريزي ٿي آهي، اها خونريزي اوچتي ڪنهن آفت جو نتيجو ناهي، ڌرين ۾ ان ڇڪتاڻ جي خبر حد جي پوليس کي به هئي ته بااثر ۽ چونڊيل يا قبيلائي سردار به ان کان واقف هئا. ڪنهن ۾ ايتري جرئت نه ٿي ته انهن نفرتن کي ناسور بڻجڻ کان روڪجي، اهي اختلاف ۽ تڪرار جيڪڏهن انصاف ڀرئي ماحول ۾ طئه ڪيا وڃن ها ته اڄ خونريزي جا خطرناڪ نتيجا نروار نه ٿين ها.

ڪو دؤر هوندو هو جڏهن واقعن جي روڪٿام لاءِ باقاعده سنجيدگيءَ سان حڪمت عمليون جڙنديون هيون ۽ ڪوششون ٿينديون هيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪارگر به ثابت ٿينديون هيون، پر هاڻ اهڙيون سرگرميون خواب بڻجي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ واقعن ۽ وارداتن جي شرح ۾ زبردست حد تائين اضافو ٿيو آهي.

سنڌ ۾ قانون جو خوف رهيو ئي ناهي، هتي قانون، لتاڙجڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ هڪ رانديڪو بڻجي ويو آهي. پئسي، طاقت، سرڪاري ۽ سياسي پٺڀرائي سبب ماڻهن جا دماغ خراب ٿي ويا آهن، انهن جو پيٽ ڀرجي ويو آهي، نتيجي ۾ حرص ۽ لالچ جا نت نوان رڪارڊ قائم ٿي ويا آهن. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ڳڙهي خيرو ۾ جن ماڻهن انسانن جو رت وهايو آهي، انهن کي پنهنجي ٽيڪ ۽ پٺڀرائي جي پوري پوري پڪ هوندي، تڏهن ئي ته انهن ڏينهن ڏٺي جو بلڪل بي خوف ٿي، انساني حياتيون موت جي ننڊ سمهاريون آهن.

ڳڙهي خيري ۾ جيڪا رت جي راند ٿي آهي، تنهن لاءِ ماڻهو ڪانڍيا ويا هوندا، هٿيار گڏ ڪيا ويا هوندا، گاڏين جو انتظام ٿيو هوندو، ان سڄي صورتحال ۾ ٻنهي ڌرين جي سوين ماڻهن کي خبر هوندي پر ڇاڪاڻ ته انهن جي ذهنن ۾ هڪٻئي کي ماتِ ڏيڻ وارو جنون ڇانيل هو. ان ڪري ڪنهن کي به ان امڪاني خطري کان بچڻ جو خيال نه ٿيو ۽ هن واقعي کان اڳ پوليس يا انتظاميا کي هڪڙي فون ڪرڻ مناسب نه سمجهي. اسان جي سماج ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو ته ڌريون پوليس ۽ انتظاميا کي اڳواٽ خرچي پاڻي ڏئي، ويڙهه واري وقت تائين پري رهڻ ۽ لاتعلق ٿيڻ جون ضمانتون وٺنديون آهن، ائين جيڪڏهن نه به هوندو آهي تڏهن به هلندڙ جهيڙي ۾ پوليس جو ڪڏي پوڻ ڏاهپ ڀري ڳالهه نه ليکي ويندي آهي. ڇو ته پوليس جي ڀيٽ ۾ جهيڙيندڙ ڌريون ماڻهن ۽ هٿيارن جي حوالي سان وڌيڪ مضبوط هونديون آهن، جن وٽ جديد بارود ۽ بم گولا ۽ راڪيٽ لانچر به هوندا آهن.

ڳڙهي خيري ۾ جيڪا خونريزي ٿي آهي، اها خونريزي جيڪب آباد ضلعي ۾ قبيلائي دهشتگرديءَ جي ٻن ڌرين ۾ رتوڇاڻ جي نئين شروعات آهي، ان ڇڪتاڻ پنهنجي ابتدا ۾ اٺ ڏهه انسانن جون زندگيون ڳڙڪايون آهن. خبر نه آهي ته ان دهشتگرديءَ جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو ۽ ڌرين جي اها ويڙهه ڪٿي دنگ ڪندي؟

سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي جا واقعا، ڌريون ان وقت تائين خطرناڪ وارداتن جي صورت ۾ جاري رکنديون آهن جيستائين جرڳي جي تاريخ طئه نه ٿيندي آهي. نه رڳو اهو پر جرڳي جي ڏينهن تائين هڪٻئي جي ماڻهن جا ڪنڌ ڪپيا ويندا آهن، جنهن ڏينهن جرڳو ٿيندو آهي، ان ڏينهن تي ڪابه ڌر اڳڀرائي نه ڪندي آهي، باقي ان کان اڳ خونن جو اسڪور پورو ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ٿيندي آهي. جرڳي واري ڏينهن ڏهن، ويهن، ٽيهن ۽ چاليهن چاليهن انسانن جي قاتلن کي پوليس پروٽوڪول ۾ آندو ويندو آهي، اهي قاتل رهزن ۽ ڏوهاري پنهنجي ڌر جا هيرا ۽ سورما تصور ڪيا ويندا آهن، انهن کي ايڏو ته مانُ ڏنو ويندو آهي جو انهن کي مٿي ڪرڻ جا واضح امڪان پيدا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ جرڳن ۾ خون ۽ زخمي ڳڻبا آهن، خون خونن ۾ پاڙبا آهن، زخمي زخمين ۾ ڪٽجي ويندا آهن، باقي جنهن به ڌر جو جنهن ڏي حساب بچندو آهي، اهو ان کي ڏنڊ جي صورت ۾ ڏيڻو پوندو آهي، اهي پئسا ڪيئن گڏ ڪيا ويندا آهن ۽ متاثر ڌر جي ڀوتار وٽ پهچڻ کانپوءِ ڪيئن ورڇجي ويندا آهن، سو به هڪ دردناڪ ۽ اندر ۾ وڍ وجهندڙ قصو آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ جن کان پنهنجا پيارا عمر ڀر لاءِ وڇڙي ويندا آهن يا زخمي ٿي معذور ٿي پوندا آهن، انهن جي اقتصادي سهائتا لاءِ عملي طور تي ڪوبه ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويندو آهي. متاثر خاندانن کي زندگي جي وهنوار هلائڻ لاءِ مناسب معاوضي نه ملڻ ڪري جيڪا پلاند واري باهه دل ۾ ڀڙڪندي آهي، سا جڏهن ڀڙڪو کائيندي آهي ته گهڻو ڪجهه ڀڙڀانگ ٿي ويندو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عثمان پنهور ڏاڍا شاندار فيصلا ڪيا، اهي فيصلا اتر سنڌ لاءِ هڪ وڏي نعمت ثابت ٿي پئي سگهيا، پر انتظامي ڪن لاٽار انهن جي اهميت ئي وڃائي ڇڏي، جن ۾ جرڳن تي پابندي ۽ رتوڇاڻ وارن واقعن جي سڌي سنئين حد جي پوليس ذميوار قرار ڏني وئي هئي، پر اڄ اهي فيصلا هوا ۾ ڪک پن ٿي ويا آهن. انتظاميا انهن جو احترام ڪري ها ته ان جا سڄي سماج ڏي ڏاڍا مثبت اثر پون ها.

ڪجهه سال اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ قبيلائي دهشتگرديءَ بابت جرڳن تي مڪمل پابندي هنئي هئي ۽ اهڙو ڪريڊٽ لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڪمشنر نذير حسين مهر ڏانهن به وڃي ٿو، جنهن جي اثرائتن حڪمن جي نتيجي ۾ ڀوتارن جا جرڳائي جهان ويران ٿي ويا هئا. هنن جون اوطاقون اجڙي ويون هيون، ڀوتارن جي لئه مري وئي هئي، نه رڳو ايترو پر ڪجهه ڀوتارن جي لاءِ ته پنهنجا ضلعا به انتظامي طور تي نو گو ايريا بڻيل هئا.

پر هاڻ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، هاڻي جيڪب آباد سميت اتر سنڌ ۾ جرڳائي جهان وڏي صنعت بڻجي چڪو آهي. اهو ڪاروبار وقت سان گڏ وڌي رهيو آهي ۽ ڌرين جي جبري کير کنڊ ٿيڻ وارين خبرن کي انتظاميه پنهنجو ڪارنامو قرار ڏئي رهي آهي. جڏهن قانون ۽ عدالت موجود آهي ته پوءِ هنن سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ هٿرادو جرڳن کي هٿي وٺرائي ڪهڙي قانون جي بالادستيءَ وارو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟

ڳڙهي خيرو ۾ جيڪا خونريزي ٿي آهي، ان جون چار پنج قسطون گهٽ ۾ گهٽ آڏو اينديون ۽ ان کانپوءِ جرڳو ٿيندو ۽ ان جرڳي ۾ جيڪي جٺيون ٿينديون تنهن جو پاڻ مختصر مٿي بيان ڪري آيا آهيون.

ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي. ان ڪري ان جي ڪريڊٽ ۾ فقط اها ڳالهه ڪافي ناهي ته هن ڳڙهي خيري خونريزي جا جوابدار هٿيارن سميت گرفتار ڪيا آهن، پر ان جي ڪارڪردگي کي تڏهن چار چنڊ لڳندا، جڏهن ان خونريزيءَ جا ڪيس انصاف جي آڌار تي داخل ٿين. انهن ڪيسن جي پوليس ايمانداراڻي پيروي ڪري ۽ اهي ڏوهاري سزائون ماڻن، جن ڪيترائي جهڳا جهڻ ڪيا آهن. گڏوگڏ قبيلائي دهشتگرديءَ جي امڪاني خطرن وارا گهنڊ به پوري سنجيدگيءَ سان ٻڌا وڃن ته جيئن وري ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي نه ٿئي، ڪنهن ونيءَ جو ورُ نه وڇڙي ۽ ڪي ٻار يتيم نه ٿين.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *