تازيون خبرون

گذريل ڏينهن نيب فوت ٿي ويو، حديبيه ڪيس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، اٽارني جنرل پاران ٻين ڪيسز جا حوالا ڏيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن نيب عدالت جي سامهون فوت ٿي ويو آهي، حديبيه ڪ          يس ۾ الزام سچ هئا ته انهن کي دفنايو ڇو ويو؟ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن الزام غلط آهن ته انهن تي ڀاڙيو ڇو پيو وڃي؟، اٽارني جنرل صاحب اوهان جي مشڪلاتن بابت ڄاڻ آهي، ڪنهن جي نمائندگي ڪرڻ بدران عدالت جي معاونت ڪريو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته وفاق جي نمائندگي نه پر عدالت جي مدد ڪري رهيو آهيان، منهنجو ڪم عدالت آڏو حقيقتون آڻڻ آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾  چيو ته اسيمبلي ميمبر جي نااهلي لاءِ طريقو آئين ۾ ڏنل آهي، وزيراعظم کي عدالت نااهل قرار نه ٿي ڏئي سگهي، درخواستگذار کي پهرين اسپيڪر سان رابطو ڪرڻ گهرجي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران هڪ وزيراعظم کي گهر موڪلڻ وارو فيصلو موجود آهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي سوال اهو آهي ته عدالت ڪهڙي حد تائين وڃي سگهي ٿي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس م چيو ته نيب چيئرمين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نيب چيئرمين کان سوال آهي، ڇا هو  ٽريفڪ چالان به پڪڙي سگهي ٿو؟. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نيب چيئرمين  جي جواب تي چئي سگهون ٿا، هو به چاهڻ واور نڪتو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ تي افتخار ڪيس ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو هو. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته اثاثا لڪائڻ تي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو آهي، هر چونڊيل نمائيندو اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو پابند هوندوآهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته ڪيس ۾ 3 کان 5 سالن جي سزا لڳي سگهي ٿي، وزير اعظم کي اثاثن جي تفيصلن ۾ ڇوٽ حاصل ناهي.  اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ ڦير ڦار سبب فوجداري ڪيس ٿي سگهي ٿو.  جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته وزير اعظم جي لاءِ نيب انشورنس پاليسي آهي، وزير اعظم جو هڪ دفاع گذريل ڏينهن دفن ٿي ويو هو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۾ رياست مدعي آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته حديبيه پيپرز ۽ پاناما ڪيس معاملي ۾ فرق آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو ويو ته قطري وٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *