تازيون خبرون

ڪراچي ۾ ڊينگي کان پوءِ” چڪن گونيا“ ظاهر، ملير ۾ 1500 کان وڌيڪ متاثر

ملير(ڊ.ر) ڪراچي ۾ مليريا، ڊينگي ۽ نگليريا کان پوءِ هاڻ ”چڪن گونيا“ پکڙجي ويو آهي جنهن سبب هن وقت تائين 1500 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ڪراچي ۾ مليريا، ڊينگي ۽ نگليريا کان پوءِ هاڻ ” چڪن گونيا“وائرس شهر ۾ تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي جنهن سبب رڳو ڪراچي جي ضلعي ملير جي علائقي کوکراپار مان هن وقت تائين  1500 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽرن موجب چڪن گونيا جي مريض کي تيز بخار، سنڌن ۾ سور ۽ شديد مٿي ۾ سور شروع ٿي ويندو آهي اهڙين علامتن جي صورت ۾ فوري طور ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *