ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون

ڪراچي (م.ڊ) نالي واري ليکڪ اعجاز منگي جي ڀاڻيجي دعا منگي جي آزادي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، قمبر، نصيرآباد ۽ شهرن ۾ هندو ويلفيئر، منگي ويلفيئر، پ پ شهيد ڀٽو، سول سوسائٽي توڙي ٻين تنظيمن طرفان اڄ به احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، جيڪب آباد ۾ نوجوان ھندو ويلفيئر پاران ڪراچي مان سنڌ جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاھرين شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي دعا منگي جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. مظاھرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت کي دعا منگي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. قمبر ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو لائيرز فورم طرفان ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي جي بازيابي لاءِ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ويو، دعا منگي جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.