تازيون خبرون

ڏکڻ آفريقا لاءِ خراب خبر، ڊيوڊ ملر انجري سبب سريلنڪار خلاف آخري 3 ون ڊي ميچن کان ٻاهر

ڊربن(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن ٽيم لاءِ خراب خبر مڊل آرڊر بيٽسمين ڊيوڊ ملر فٽنس مسئلن سبب سريلنڪا خلاف هلندڙ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سيريز جي آخري 3 ميچن ۾ نه کيڏي سگهندو. ملر آءِ لينڊرز خلاف کيڏيل ٻئي ون ڊي دوران آڱر ۾ انجري جو شڪار ٿيو هو. ڏکڻ آفريقن ٽيم مئنجمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڊاڪٽرن طبي معائني کانپوءِ ملر کي ٻُڌايو ته هن کي اسٽيچز جي ضرورت آهي جنهن سبب هن کي ٺيڪ ٿيڻ 7 کان 10 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ان لاءِ هو آءِ لينڊرز خلاف آخري 3 ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم کي دستياب نه هوندو. سندس جا تي فرحان بهاروين کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. واضع رهي ته مرلر ٻي ون ڊي ۾ 117 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ا

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *