تازيون خبرون

ڌمال وقت لوڊشيڊنگ سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين: وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيوهڻ جي درگاهه ۾ ڌمال واري ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ سمجهه کان مٿي آهي، ان جي وزيراعظم سان به شڪايت ڪئي آهي ۽ سڄي سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو. ملير ۾ هيلٿ سينٽر جي افتتاح کانپوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته سينٽر ۾ پاڻي ۽ بجلي نه آهي، اها سهولت فراهم ڪئي ويندي، خوشي آهي ته 22 سال اڳ جنهن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو، ان هيلٿ سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. ملير جي آسو ڳوٺ ۾ تعمير ٿيل هيلٿ سينٽر 4 ڪروڙ 80 لک رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي، هيلٿ سينٽر 36 بسترن تي ٻڌل آهي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 22 سال اڳ رکيو ويو هو. هن چيو ته سيوهڻ شريف درگاهه تي بجلي جي بندش جي معاملي تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي،ڌمال واري ڏينهن لوڊشيڊنگ سمجهه کان مٿي آهي، سڄي سنڌ ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو. وڏي وزير صحت واري وزير سڪندر منڌرو جي آفيس ۾ نه ويهڻ ۽ ڊاڪٽرن جي خوار ٿيڻ ۽ اسپتالن ۾ سهولتون نه ملڻ واري سوال تي چيو ته هو ان تاثر سان اتفاق نه ٿو ڪري صحت وارو وزير سڄي سنڌ جي اسپتالن جو دورو ڪري رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ملير ۾ واٽر بورڊ جي ڊويزن ٺاهي ڇڏي آهي، پاڻي جي وڏي اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي، سڄي سنڌ جي ماڻهن جي بنا فرق خدمت ڪئي ويندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *