چين ۾ ڪرونا وائرس، وڌيڪ 93 کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ 906 ٿي ويو

بيجنگ (اين اين آءِ) چين ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ  93 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 813 مان 906 ٿي ويو آهي رپورٽس موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ بيمار ماڻهن جو انگ به 3 هزار وڌي ويو آهي ۽ هي انگ 37 هزار مان وڌي 40 هزار ٿي ويو آهي جڏهن ته 3 هزار 274 بيمار صحت ياب ٿي ويا آهن صحت جي عالمي اداري امڪان ظاهر ڪيو ته خطي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال هاڻي مستحڪم ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته سنگاپور ۾ وڌيڪ ست ڪيس ظاهر ٿيڻ سان اتي متاثرن جو انگ 46 ٿي ويو آهي جڏهن ته فرانس جي پهاڙي هنڌ تي موڪلون گذاريندڙ پنج برطانوي شهري به ڪرونا وائرس جي ور چڙهي ويا آهن.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.