تازيون خبرون
هڪ سال ۾ پيٽروليم شين جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف - وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ ذريعي متبادل نظام هلائڻ چاهي ٿو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار - جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي ويو - ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو - حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي: عمران خان - وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق - ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ نبيري مان مليل رقم سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر - وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس، آءِ جي سنڌ جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار، ٺهراءُ منظور - ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون - اسلام ڪوٽ: مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي، واٽھڙو فوت، 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

چئن سالن تائين ويڳو پيءُ هراسان ڪندو رهيو: فريال محمود

 

ڪراچي(شوبز نيوز) ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ فنڪاره فريال محمود جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ويڳي پيءُ سان سخت نفرت ڪريان ٿي ڇو ته هو ننڍپڻ ۾ ئي مون کي  جنسي طور تي حراسان ڪندو رهيو آهي.اداڪاره ثمينه پيرزاده کي ڏنل انٽرويو ۾ فريال محمود چيو ته منهنجي ماءُ روحاني بانو آهي جيڪا پاڻ به اداڪاره آهي. منهنجو ننڍپڻ سٺو ناهي گذريو. 7 سالن جي عمر ۾ والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي جنهن کان پوءِ اسان آمريڪا شفٽ ٿي وياسين. والده پهرين شادي جي ناڪامي کان پوءِ گهر وسائڻ جي لاءِ  2 وڌيڪ شاديون ڪيون. مان پنهنجي ٻئي ويڳي پيءُ کان سخت نفرت ڪريان ٿي.8 سالن کان 11 سالن جي عمر تائين هو مون کي هراسان ڪندو رهيو. هو اهڙي وقت ۾ مون کي جنسي حراسمينٽ جو نشانو بنائيندو هو جڏهن منهنجي ماءُ ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهر ويندي هئي. مان پنهنجي ماءُ کي اها ڳالهه نٿي ٻڌائي سگهيس.ٻئي شادي جي لاءِ امڙ جي خراب چونڊ منهنجو ننڍپڻ خراب ڪري ڇڏيو. دوست پنهنجي بهترين ننڍپڻ ۾ واپس وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪندا آهن ته مان سوچيندي آهيان ته منهنجو اڄ ئي بهتر آهي. فريال محمود چيو ته ٻارهين ڪلاس تائين مان 13 اسڪول بدلايا منهنجا 2 ننڍا ڀائر ۽ 3 ويڳيون ڀيڻون آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *