تازيون خبرون

ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي تقدير بدلائيندو، قومي مفادن خاطر ذاتي مفاد ڇڏڻا پوندا: وڏو وزير

مٺي(اي پي پي) سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پاڪستان جي پوري قوم کي فائدو ٿيندو،جڏهن ته ان کان وڌيڪ ٿر جي ماڻهن کي فائدو ملندو، ڪوئلي تي تمام تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي جنهن مان مطمئن آهيون، جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏيندا انهن کي تڪليف ضرور ايندي پر انهن جي تڪليف دور ڪرڻ ۽ کين سهولت ڏيڻ  اسان جو فرض آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آهي اها پارٽي غريب عوام کي تڪليف نه پر سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ٿر پارڪر ۾ صحت جون حالتون بهتر آهن اڃان به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٿر ۾ مقرر ڊاڪٽرن جون پگهارون پڻ وڌايون ويون آهن، ان سان گڏ ٻهراڙي ۾ قائم صحت مرڪزن ۾ هر سهولت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صحت جي حوالي سان ضرور ڪجهه شڪايتون آهن جيڪي جلد حل ڪيون وينديون. ٿر ۾ صاف پاڻي جي حوالي سان آر او پلانٽ بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آر او پلانٽ اسلام ڪوٽ، ٿرڪول ايريا بلاڪ ٽو ۽ سول اسپتال مٺي جو دوور ڪرڻ بعد مقامي ميڊيا سان مٺي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيوته ٿر ڪول تي 4 ارب ڊالر جو ڪم ٿي رهيو آهي هي قومي منصوبو آهي جنهن مان پوري پاڪستان جي قوم کي فائدو ٿيندو پر سڀ کان وڌيڪ ٿر جي عوام کي فائدو ملندو. هي قومي مفاد جو ڪم آهي ان لاءِ ذاتي مفاد ڇڏڻا پوندا، ضرور ڪجهه ماڻهن کي تڪليف برداشت ڪرڻ پوندي، انهن ماڻهن کي هر سهولت ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيوته گوراڻو ڊيم جي حوالي سان جن ماڻهن کي اعتراض آهن انهن جا اعتراض ٻڌي چڪا آهيون ۽ انهن کي هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون انهي کان سوائي اتي جي ماڻهن کي سهولتون پڻ ڏئي رهيا آهيون، ڪوئلي جي حوالي سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي 1200 گز تي بهترين گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي، گهرن سان گڏ پاڻي  ، صحت، تعليم سميت ٻيون بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻ سان تڪليف ضرور ايندي پر پيپلز پارٽي اها تڪليف دور ڪندي ۽ هر سهولت فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان پاڪستان سميت ٿر جي عوام کي وڏي فائدو ملندو. هن چيوته ٿر جي حوالي سان بهترکان بهتر تجويزون گهرجن ته جيئن هن علائقي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي. هن  چيوته ٿر ڊولپمينٽ تي ڪم هلي رهيو آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته آئون 2005 ع ۾ ٿر آيو هئس ان وقت کان اڄ ٿر جون حالتون ڪافي بهتر آهن. ٿر ۾ جيڪا ڊولپمينٽ ٿي رهي آهي اها پي پي جي دور ۾ ٿي آهي، پي پي جي دور ۾ ٿر جي اندر ترقياتي ڪمن سان گڏ روزگار پڻ ڏنو ويو آهي. هن چيوته ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن کي ريگيولر ڪيو ويندو، انهن کي ڪانٽريڪٽ تي پي پي حڪومت ۾ رکيو ويو آهي ته انهن کي پڪو به پي پي ڪندي. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سورس ڪميشن جي ڪري  وڌيڪ ڊاڪٽر نٿا رکي سگهون پر ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جون پگهارون ڊبل ڪيون ويون آهن. هن چيوته سول اسپتال مٺي ۾ دوري ڪرڻ کان پوءِ اهو محسوس ٿيو آهي ته هتي مريضن جو بهتر اعلاج ٿي رهيو آهي، هن وقت ٿر ۾ صحت جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، سول اسپتال مٺي سميت شهرن توڙي ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اڃان وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سول اسپتال مٺي کي هڪ ڊجيٽل چيئر، هڪ ڊجيٽل ايڪسري مشين ۽ هڪ ڊائلاسز مشين ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ صاف پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ سولر آر او پلانٽ بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، آر او پلانٽ جي حوالي سان  ڪجهه شاڪيتون مليون آهي انهن کي جلد حل ڪيو ويندو. آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي وڏ وزارت جي باقي رهيل ٽائم ۾ آئون بهتر کان بهتر ڪم ڪري ويندس ته جيئن مون کان پوءِ ايندڙ وڏي وزير کي ڪابه تڪليف نه اچي ۽ اهو به ساڳي رستي تي ڪم ڪري سگهي. ان بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مٺي شهر جو ڊان هوٽل  ويو، جتي ڊان هوٽل ۾ تيار ٿيندڙ کاڌن جو جائزو پڻ ورتو. سنڌ جي وڏي وزير ڊان هوٽل تي چانهه پڻ پيتي ۽ بل پاڻ ادا ڪيائين. ان موقعي تي هن چيو ته آئون عوامي ماڻهو آهيان عوام سان گڏ ئي رهندس ان ڪري بنا پروٽوڪول جي آيو آهيان. ان موقعي تي صوبائي وزير صحت سڪندر ميندرو، پي پي ايم اين اي فقير شير محمد بلالاڻي، پي پي ايم پي پي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ضلع چيئر مين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ڊپٽي ڪمشنر ٿر پارڪر زمان ناريجو، ايس ايس پي ٿر پارڪر سر فراز شيخ سيميت  ٻيا آفيسر ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *