تازيون خبرون
ڪلڀوشن جي بريت جي استدعا رد، ڀارتي عالمي عدالت ۾ ڪيس هارائي ويو، پاڪستان جي سوڀ - ماضي جيان ملڪ نه هلندو، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو آهي، پوئتي نه هٽندس: عمران خان - ڪراچي يونيورسٽي کي ڪنهن جي فائدي لاءِ بدنام ڪيو ويو: سپريم ڪورٽ - جج ارشد ملڪ جي ويڊيو ٺاهيندڙ مک جوابدار ميان طارق گرفتار، وڊيوز به هٿ - سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون - هاڻي نه پٽواري ماتحت آهن نه ئي ٿاڻيدار، بيگم صفدر هاڻي جي ٽي روڊ جي ٽريفڪ جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريتي عنصر شهيد شاهنواز ڀٽو جي انقلابي سوچ کان ڊنل هئا، هڪ ناپاڪ سازش ڪري کيس شهيد ڪيو ويو هو: بلاول ڀٽو زرداري - وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ماني ۽ نان جي قيمت ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ  قدم کڻڻ جي هدايت - گرين لائن منصوبي تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي : وڏو وزير جي هدايت - ميان طارق جي گرفتاري، حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ وارن کي به پڪڙيو ويندو؟: مريم نواز جو ٽوئيٽ

ٿرپارڪر ۾ موت جي ورڇ جو سلسلو بند نه ٿيو، وڌيڪ 5 ٻار فوت

ٿرپارڪر(رپورٽر) سرڪار جي بدترين نااهلي سبب ٿرپارڪر ۾ موت جي ورڇ جو سلسلو بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي،بک ۽ بيمارين سبب 5 گل ڪومائجڻ کانپوءِ 92 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 303 ٿي ويو آهي. کينسر جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ 15 ڏينهن جو لطيف رند ۽ ٻن ڏينهن جو ٻار فوت ٿي ويو. ننگرپارڪر جي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ 4 مهينن جي انيتا ڌيءَ آکجي ٺاڪر فوت ٿي وئي. مٺي سول اسپتال ۾ پڻ 11 ڏينهن جو ٻارڙو ۽ هڪ ڏينهن جو ٻار زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. گذريل ڏينهن به بک ۽ بيمارين سبب ٿر ۾ پنج ٻار فوت ٿي ويا هئا. مليل انگن اکرن موجب ٿر ۾ بک، بدحالي، بيمارين ۽ علاج نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 92 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 303ٿي ويو آهي. پٺتي پيل علائقي ٿر ۾ حڪومتي اپاءَ توڙي دعوائون ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهيون، ٿر واسين لاءِ لاڀائتيون ثابت نه ٿي سگهيون ۽ موت ورهائڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. هوڏانهن ڏڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *