تازيون خبرون

پ پ پاران 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان, ، 18 اڪٽوبر تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ گلگلت سميت چئني صوبن ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجه پرويز اشرف، قمرالزمان ڪائره، خورشيد شاهه، رحمان ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران 18 آڪٽوبر تي ڪراچي جي مزار قائد وٽ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ چئني صوبن جي پارٽي اڳواڻن کي ڪارڪنن سميت شرڪت جون هدايتون ڪيون ويون. اجلاس دوران گلگلت سميت چئني صوبن ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪندي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي رابطا مهم جو شيڊول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، شهيد بينظير ڀٽو کين ٻڌائي وئي آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪري پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪندو، پيپلزپارٽجمهوريت جي جنگ وڙهي رهي آهي، ملڪ جي بقا ۽ جمهوريت لاءِ پ پ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.. پ پ ميڊيا سيل ڪراچي تي پ پ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته 18 آڪٽوبر تي قائداعظم جي مزار آڏو جلسو ڪري عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو، بلاول ڀٽو جلسو ڪري جمهوريت، ملڪي سلامتي، ادارن جي مضبوطي ۽ نوجوان نسل جي حقن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن طور بهترين نموني ڪردار ادا ڪري رهي آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ميدان ۾ نڪتو آهي، پارٽي جا عهديدار ۽ ڪارڪن مايوس ٿيڻ بجاءِ بلاول ڀٽو زرداري جو ڀرپور نموني ساٿ ڏين.ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته 18 آڪٽوبر ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي ڪارساز ويجهو محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 18 هين آڪٽوبر تي جلسو ڪري شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، ڪراچي ۾ رٿيل جلسو تاريخي هوندو. راجا پرويزاشرف جو چوڻ آهي ته هر ڀيري عام چونڊن ۾ پ پ خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، پ پ جا ڪارڪن اهڙين سازشن کي هاڻي ناڪام بڻائي ڇڏيندا. هن چيو ته پنجاب ۾ پ پ اڪثريت سان موجود آهي، جاويد هاشمي جي ننڍي چونڊ ۾ حمايت ناهي ڪئي، اهو پي ٽي آءِ جو صدر هئڻ باوجود آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهي رهيو آهي، پ پ طرفان جاويد صديقي کي اميدوار بيهاريو ويو آهي.ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، قمرالزمان قائره، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، منظور وٽو، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد سميت پ پ جا ٻيا مرڪزي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *