تازيون خبرون

پ پ سياسي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ن ليگ هر محاز تي ناڪام ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدا بخش (رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ن ليگ کي منهنجيون ڳالهيون دير سان سمجھه ۾ اينديون آهن، مون حڪومت کي 4 مطالبا ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ ۾ منهنجيون ڳالهيون ثابت ٿيون، گھرو وزير استعيفيٰ ڏيڻ بدران سپريم ڪورٽ سميت سڀني کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته گھرو وزير پابندي پيل تنظيمن سان ملاقات ڪري اسلام آباد ۾ جلسن جي اجازتون ڏيندو آهي، مون کي سڏڻو آهي ته سپريم ڪورٽ ڇا ٿي ڪري؟  دنيا اسان کي دهشتگرد ملڪ بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي، اسان دنيا ۾ اڪيلا ٿي ويا آهيون، ميان صاحب اوهان ڪابينا ۾ دهشتگردن جا سهولتڪار رکي ڇڏيا آهن، مان چوان ٿو ته مستقل پرڏيهي وزير آڻيو جيڪو پاڪستان جي صحيح نمائندگي ڪري سگھي، اوهان منهنجي ڳالهه نه مڃي ته اسان جي حڪومت جو ڪو اسڪينڊل ناهي، ميان صاحب اوهان واقعي ايترا سادا آهيو، پاڪستان ۾ ماڻهن کان پڇو ته اڄ جو وزيراعظم ڪير آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ”پاناما شريف“،  نه پاڻ تماشو بڻجو نه سڄي نظام کي تماشو بڻايو، اسيمبليءَ ۾ پاناما بل منظور ڪرڻ رنڊڪون وڌيون ته مخالف ڌر جي احتجاج کي منهن ڏيڻو پوندو، پاناما بل منظور ڪرائي عدالت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، مان بينظير جوپٽ آهيان، جنهن تي اوهان ڪيترا ظلم ڪيا،  اوهان جيل ويئو ته منهنجي والدا اي آر ڊي ٺاهي اوهان کي ان جو حصو بڻايو، اوهان جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته زرداريءَ کي روڊن تي گهليندس، منهنجي بزرگن وڏن جي عزت ڪرڻ سيکاري آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته مان اوهان جي سياست سان اتفاق ڪيان، ميان صاحب جا ته اسڪينڊل ئي اسڪينڊل آهن،  اوهان چاهيو ٿا ته ننڍن صوبن کان حق کسيا وڃن ۽ مان چپ رهان؟ اوهان چاهيو ٿا ته سي پيڪ کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ مان چپ رهان، اوهان چاهيو ٿا ته پاناما ۾ پڪڙيا وڃو، احتساب کان ڀڄو ۽ مان چپ رهان؟ اوهان جي پاليسي سان صنعت تباهه ٿي ويندي ۽ مان چپ رهان، اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهو علاج کان محروم رهن ۽ مان چپ رهان؟ اوهان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ڪيو ۽ مان چپ رهان؟ اوهان چاهيو ٿا ته پاناما ڪمپنيءَ ۾ واڌ ٿئي ۽ مان چپ رهان، اوهان جو ڀاءُ نرسن ۽ ڊاڪٽرن تي لٺبازي ڪري ۽ مان چپ رهان،  اسان بي گناهن کي ڦاهي ملي ۽ اوهان کي ڪلين چٽ ملي ۽ مان چپ رهان؟ مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ميراث جو وارث آهيان، مودي بي هٿيار ڪشميرين جو رت وهائي اوهان ان سان دوستي ڪيو ۽ مان چپ رهان، اسان کي سياسي لانگ مارچ جي تياري شروع ڪرڻي آهي، چار مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ سڃي ملڪ جو دورو ڪندس، ڪارڪن سياسي لانگ مارچ جي تياري ڪن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *