پي ٽي آءِ سرڪار ۾ اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ جي اهليت ئي ناهيۡ: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته حڪومت ڪنهن کي ڪم نه پئي ڪرڻ ڏئي، موڪل تي موڪليو وڃي ٿو ته ٽيڪس ڪيئن گڏ ٿيندو، معيشت ڪيئن سگهاري ٿيندي، چين مان ڪرونا وائرس سبب ڀارت بنگلاديش سميت مختلف ملڪ پنهنجا ماڻهو واپس ڪڍي رهيا آهن، خبر ناهي ته پاڪستان کي ڪهڙيون ڏکيائيون آهن، حڪومت کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته آءِ جي سنڌ جو معاملو وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي صلاح مشوري سان حل ٿيندو، ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت ڇڏي اسان سان گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت پاران اڃاتائين زرعي پاليسي نه آندي وئي آهي، هن حڪومت پاران مارچ ۾ گهرائي ويندڙ ڪڻڪ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، اپريل کان پنجاب ۽ سنڌ جي ڪڻڪ جي پيداوار شروع ٿي وڃي ٿي، جنهن سان پاڪستاني هارين کي ٻاهرين ملڪ مان ڊيوٽي فري امپورٽ ڪڻڪ جو مقابلو ڪرڻو پوندو هي ملڪ جي هارين سان ناانصافي آهي، مشرف دور ۾ به ڪڻڪ امپورٽ ڪري رهيا هئا، هن چيو ته صدر زرداري جي پاليسين جي ڪري اسان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندڙن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وياسين، صدر زرداري ڪڻڪ جي پرائيس ۽ هارين کي رليف فراهم ڪيو، هن چيو ته جيئن ڌانڌلي ڪري پي ٽي آءِ حڪومت تي مڙهيو ويو، حڪومت کي هر هال ۾ گهر وڃڻو پوندو، هن چيو ته حڪومت پاران معاشي ٽيم جوڙڻ ۾ غير سنجينده رويو اختيار ڪيو ويو، ايف بي آر ڪجهه ٻاهران ماڻهون آندا آهن، جن تي اسان تنقيد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم وچ ۾ نظرياتي مسئلا آهن پر ڪراچي جي پوليس بلديات سميت مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جا مسئلا حل نه پئي ڪري، اسان جي صوبي جي عوام معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، پاڻي سميت وفاقي حڪومت هڪ واعدو پورو ناهي ڪيو، هن چيو ته نوڪرين گهرن سميت مختلف عوامي ڀلائي جي واعدن کان وزيراعظم يو ٽرن وٺي ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم وزارتون ڇڏي ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان ڏئي، پنجاب، ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ جي خلاف ڪافي آواز اٿي رهيا آهن، نٿو لڳي ته پي ٽي آءِ جا ساٿي اتحاد نڀائين، اميد آهي ته آءِ جي سنڌ جو معاملو وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي صلاح مشوري سان حل ٿي ويندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان صحافي سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ توهان جي آڇ اڃا به موجود آهي، بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي پي ٽي آءِ کي ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي، وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جا مڪاني، پوليس سميت ٻين مطالبن تي پورو ناهي نٿي، هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪيترائي نظرياتي اشوز آهن پر ڪراچي جي عوام جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي سوچڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺي آهي، ايم ڪيو ايم کي سوچڻ گهرجي ته اها ڪراچي جي عوام کي ڏکيائين ۾ وجهندڙ پارٽي جو ساٿ ڇو ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت عوام سان ڪيل هڪ واعدو پورو ناهي ڪيو.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.