تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿ ۾ نه رهي: آصف زرداري - اسان کانسواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي: فواد چوڌري - نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي: جنرل زبير محمود - پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ۽ ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن؟ : عمران خان - وزير اعظم سنڌ اچي چوي ٿو سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون، ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: وڏو وزير - جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ، جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار - خورشيد شاهه جي مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات، غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌي نٿا سگهون: شهباز شريف - منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف - قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي نه حامي آهيون، وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ اسان جا دشمن آهن: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير  سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته خطي جي پائيدار امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ افغان ۽ دوستاڻا لاڳاپا لازمي آهن، پاڪ افغانستان وٽ دوستي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن المرڪز اسلامي پشاور ۾ افغان مهاجرين ۽ واپارين جي نمائنده وفد کي خطاب دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي بريالي ميان خيل عبدالحميد جليلي، ملڪ علي خان ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري ڪي پي ڪي عبدالواسط ۽ سينيٽر سراج الحق افغان معاملن بابت صلاحڪار شبير علي خان به ساڻس گڏ هو. سينيٽر سراج الحق افغان واپارين، شاگردن، صحافين ۽ مهاجرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ صوبائي وزير عنايت الله خان، مظفر سيد، عبدالواسي ۽ امان الله نصرت تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون، سراج الحق چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جيڪي طاقتون نفرت پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن اهي ٻنهي ملڪن جون دشمن آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو واقعو ٿيندو آهي ته بارڊر بند ڪيو ويندو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي ۽ اها منفي پاليسي آهي ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته سٺي طريقي سان ان قسم جي مسئلي جو حل ڳولين. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت سان به ان حوالي سان ڳالهائيندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *