تازيون خبرون

پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهيون پوئتي نه هٽنداسين: نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي اڳواڻي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ صوبائي وزير ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي سربراهي ۾ مختلف پارٽن جي صوبائي عهديدارن، صوبائي اسيمبلي جي اڳواڻن ميمبرن، ضلعي صدرن، ليڊيز ونگ جي صوبائي ۽ ضلعي عهديدارن، يوٿ ونگ ۽ ليبر ونگ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، ڪوچيئرمين آصف علي زرداري تي مڪمل اعتماد ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل)، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)، پاڪستان مسلم ليگ (نواز)، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ مختلف پارٽين کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي بهتريءَ لاءِ صرف هڪ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکندي آهي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ جيڪو واقعو ٿيو آهي ان سان انهن پارٽين جو چهرو واضح ٿيو آهي. هن چيو ته جيترو تائين سنڌ صوبي جي تعلق آهي هتي رڳو پيپلز پارٽي آهي ۽ ڪا ٻي جماعت نه آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڳوڻي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳتي وڌنڌي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي دلين ۾ راڄ ڪندي آهي ۽ ان کي عوام جي دلين ما ڪوبه ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڀٽو ازم ذريعي مشن کي اڳتي وڌائڻو آهي. تقريب کان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ کي صدر نثار احمد کهڙي خطاب ڪندي چيو ته جن پارٽين جي دوستن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي ان سان پيپلز پارٽيءَ جي حوصلا افزائي ڏانهن هڪ قدم آهي ۽ ان سان پارٽيءَ کي مضبوطي ۽ تقويت ملندي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ ڪارڪنن عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ سالميت کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ثابت ڪيو ته اسان عوام سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسان پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان پاڪستان جي زنجير بڻجنداسين چاهي ڪجهه به ٿي پئي. نثار کهڙي چيو ته پاڪستان کي مضبوط کان مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان پوئتي نه هٽنداسين. هن وڌيڪ چيو ته مختلف سياسي، سماجي تنظيمن سميت وڪيل برادريءَ جي 150 کان وڌيڪ اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل تي ڪري اسان جو جوش وڌايو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته اسان جيالن جي مدد سان ئي اڳتي وڌنڌاسين. پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي صوبائي نائب صدر پير سجاد جان سرهندي، اڳوڻو صلاحڪار عامر عابدي، اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيملي رئيس مظفر لغاري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ زبير ميمڻ، اعجاز سومرو، ضلعي صدر جاويد کتري، مير اعجاز باچڪاڻي، پير نديم شاهه جيلاني، مير عبدالهادي ٽالپر، مير غلام عباس ٽالپر، نيڪ محمد مرکنڊ، ڊاڪٽر تاج محمد، پاڪستان محبان وطن پارٽي جو چيئرمين حاجي حنيف سمون، ٽمبر مارڪيٽ ايسوسيئيشن ڪراچي جو صدر محمد سليمان سومرو، سهيل جمالي، شريف ميمڻ ڏيپلائي، ايڊووڪيٽ نوشاد ٻٻر، ايڊووڪيٽ طارق بگٽي، جاويد حاجاڻو، فنڪشنل ليڊيز ونگ جون صوبائي اڳواڻ شهناز جميل، غلام سڪينا ڪلر، انجنيئر غلام شبير ميمڻ، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ڊاڪٽر آغا شمشاد علي، صابر علي لاشاري، گلشير علي پالاري سميت مختلف پارٽين جي اهم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. جن کان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي وفاداريءَ جو حلف ورتو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *