تازيون خبرون

پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي: طارق فاطمي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري معاون خاص سيد طارق فاطمي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، خطي ۾ ڇڪتان نٿا چاهيون، ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، ڪشميري بنيادي حق جو مضبوط عزم ڪري پنهنجي پرامن تحريڪ کي جاري رکيل آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڳالهين جي عمل جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفي ڳالهين جي امڪان کي رد ڪندي چيو ته اهڙي ڪا به اميد نه آهي، هن چيو ته اسان خطي ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا ته جيئن خطي ۾ ترقي ٿئي ۽ عوام خوشحال ٿئي اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ان پاليسي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو وڃي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *