تازيون خبرون

پاڪستان جي معشيت سٺي راهه تي هلندڙ آهي، ايندڙ سال تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: اسحاق ڊار

لاهور (اين اين آءِ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ٺوس اقتصادي سڌارن جي نتيجي ۾ مالياتي خساري کي ڪيتري حد تائين گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ 2 سالن ۾ ان کي 4 سيڪڙو کان به گهٽ ڪنداسين، موجوده حڪومت 2013 ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته اسان کي توانائي بحران سميت ميڪرو اڪنامڪ جي شعبي ۾ عدم استحڪام گهٽ جي ڊي پي جي شرح درپيش جڏهن ته مالي خسارو 8.8 سيڪڙو هو ۽ ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح 8 ارب ڊالر تي هئا جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ڪابل قبول ٺوس اقتصادي پاليسيون متعارف ڪرايون ۽ اڄ انهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي پذير ۽ مسلم ملڪن ۾ ترقي ڪندڙ پنجين وڏي معيشت آهي، مارچ 2018 تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي ۽ ايندڙ سال ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، هو آچر تي گورنر هائوس لاهور ۾ ينگ پريزيڊنٽس آرگنائيزيشن جي احتمام هيٺ ڪلرز آف انڊس پروگرام 2017 جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته دنيا جا 22 گريڊ ايبل ملٽي ڊونر ۽ ٻين اهم ادارن اسان جي معاشي سڌارن کي تسليم ڪيو آهي، هن چيو ته 2013 ۾ جي ڊي پي جي شرح صرف 3 سيڪڙو هئي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح يعني 8 ارب ڊالر تائين پهچي ويا هئا، 2016 ۾ جي ڊي پي 4.71 سيڪڙو رهي جيڪا 8 سالن جي سڀ کان بلند ترين سطح آهي، 2017 ۾ اها شرح 5.5 سيڪڙو رهي، 2019 ۾ اها شرح 7 سيڪڙو تائين اچي ويندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪاٿو 2013 ۾ 43 ارب هو جيڪو 2017 ۾ وڌائي هڪ سئو 15 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، عالمي بينڪ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ هارورڊ يونيورسٽي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ جي جي ڊي پي جي شرح جون 2017 تائين 5 سيڪڙو تائين ٿي ويندي، جڏهن ته ڪجهه عالمي ادارن اها شرح 5.4 تائين اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي، هن چيو ته انٽرنيشنل بانڊ سڪوڪ ۽ ايڪيوٽي مارڪيٽ ۾ پاڪستان گذريل 10 سالن ۾ ڪافي پوئتي هليو ويو هو جنهن تي اسان ڪم ڪيو ۽ هاڻ غربت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، هن چيو ته ايڪسپورٽرن لاءِ 180 بلين جي پيڪيج سان ملڪ جي برآمد ۾ واڌ ٿيندي، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر ۾ امن ۽ روشني موٽي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري، تعليم ۽ صحت ۾ بهتري انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ن ليگ جي منشور جو حصو هو، ان موقعي تي ينگ پريزيڊنٽس جي صدر پڻ خطاب ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *