تازيون خبرون

پانامه ليڪس ڪيس: سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي وڪيلن کان 3 سوالن جا جواب گهري ورتا

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس معاملي جي ٻڌڻي دوران واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن نتيجي تي پهتاسين ته ڪميشن جي بغير انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيندا ته ڪميشن ضرور جوڙينداسين سمورا آپشن کليل رکيل آهن نيب ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي ڪجهه به نه ڪيو ادارن کي ڪوبه ڪم نه ڪرڻو آهي ته بند ڪيا وڃن عدالت ۾ پي ٽي آءِ پاران دليل مڪمل ڪيا ويا وزيراعظم نوازشريف جي ٻارڙن پانامه ڪيس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي اڱاري تي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پانامه ليڪس جي جاچ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي جي وڪيل اسد منظور بٽ چيو ته 556 آف شور ڪمپنيون آهن صرف وزيراعظم جو حساب نه ٿيڻ گهرجي معاملو انڪوائري ڪميشن جي حوالي ڪيو وڃي جنهن تي چيف جسٽس جماعت اسلامي جي وڪيل اسد منظور بٽ کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان چيو آهي ته ڪميشن جوڙي وڃي اسان سمورا آپشن کليل ڇڏيا آهن جيڪڏهن ان نتيجي تي پهتو وڃي ته ڪميشن جي بغير انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيندا ته ضرور ڪميشن جوڙينداسين عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم جي پهرين تقرير ۾ سعودي عرب مل جي وڪرو جي تاريخ نه ڏني ويئي لنڊن وارا فليٽ سعودي مل وڪرو ڪري خريد ڪئي ويئي يا دبئي مل وڪرو ڪري بيان ۾ واضح تضاد آهي نوازشريف چيو ته لنڊن فليٽ جدي ۽ دبئي ملن جي وڪري جي لاءِ 33 مليل درهم ۾ دبئي اسٽيل مل خريد ڪئي ويئي ۽ اها قيمت وزيراعظم ٻڌائي حسين نواز چيو ته لنڊن فليٽ قطر ۾ سيڙپڪاري جي بدلي حاصل ٿيا. وزيراعظم مسلسل ٽيڪس چوري ڪئي آهي 2014 ۽ 2015 ۾ حسين نواز پنهنجي والد کي 74 ڪروڙ جو تحفو ڏنو انهن تحفن تي وزيراعظم ٽيڪس ادا نه ڪئي جسٽس اعجاز احسن پڇيو ته وزيراعظم جي گوشوارن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته مريم نواز ان جي ڪفالت هيٺ آهي جنهن تي نعيم بخاري چيو ته ان وٽ مريم جي والد جي ڪفالت هيٺ هجڻ جا چٽا ثبوت آهن جسٽس اعجاز الحسن پڇيو ته ويلٽ ٽيڪس 2011 ۾ مريم نواز پنهنجي والد جي ڪفالت هيٺ هجڻ جا ثبوت ٻڌائي جنهن تي نعيم بخاري چيو ته ان جون به ٺوس شاهديون موجود آهي مريم صفدر کي 3 ڪروڙ 17 لک ۽ حسين نواز کي 2 ڪروڙ جو تحفو والد ڏنو جسٽس آصف سعيد کوسي نعيم بخاري کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان جي دليلن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مريم نواز ڪفالت هيٺ آهي پر اڃا اهو تعين ڪرڻو آهي ته مريم نواز ڪنهن جي ڪفالت هيٺ آهي نعيم بخاري چيوت ه مريم نواز چوڌري شگر مل جي شيئر هولڊر آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿو ته مريم نواز جي آمدني جو ذريعو چوڌري شگر مل هجي نعيم بخاري چيو ته مريم نواز جاتي امره ۾ پنهنجي والد سان رهڻ جو اعتراف ڪيو مريم نواز موجب هو ڪنهن پراپرٽي جي مالڪ نه آهي هن ڪوبه يوٽلٽي بل جمع ناهي ڪرايو 2011 کان 2012 دوران مريم نواز جي اثاثن ۾ واڌ ٿي مريم نواز والد کان ٽن سالن ۾ گڏيل طور تي 8 ڪروڙ رپيا ورتا ان جي ڀاءُ حسن نواز کان 2 ڪروڙ رپيا قرض ورتو مريم نواز جا شيئر ۽ زرعي ايراضي به آهي ڪمپنين جي ٽرسٽ ڊيڊ جي ڪابه حيثيت نه آهي قانون موجب مريم نواز ان جي مالڪ آهي چيف جسٽس پڇيو ته بي ايم ڊبليو گاڏي ته پهريان استعمال هيٺ هئي گاڏي جي ماليت ۾ هڪ ڪروڙ 96 لک جي واڌ ڪيئن ٿي ويئي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته بل جمع ڪرائڻ گهر جي مردن جو ڪم هوندو آهي ڇا ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مريم والد جي ڪفالت هيٺ آهي ڪفالت هيٺ هجڻ جو معاملو وڏي اهميت وارو آهي اسان کي جائزو وٺڻو پوندو ته ملڪ جي قانون ۾ ڪفالت هيٺ جي ڪهڙي تعريف ڪئي ويئي آهي اسان به ڳولي رهيا آهيون توهان به ڳوليو نعيم بخاري چيو ته جناب مان عمر ۾ توهان کان وڏو آهيان جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته بخاري صاحب توهان پنهنجي عمر ٻڌايو پوءِ ڪجهه نه چوندس نعيم بخاري چيو ته منهنجي عمر 68 سالن کان وڌيڪ آهي مون سان مذاق نه ڪندا ڪيو جنهن تي جسٽس سعيد چيو ته پوءِ توهان هاڻي تسبيع کڻو ۽ گهر هليا وڃون ۽ الله الله ڪيو پنهنجي دليل ۾ نعيم بخاري چيو ته 1999 ۾ حسن نواز هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته فليٽن ۾ ڪرائي تي رهندو آهيان فليٽن جو ڪرايو پاڪستان مان ايندو آهي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ڏنا ته ڪرايو پاڪستان مان ضرور ايندوآهي اهو بزنس مان ايندو آهي اها ڳالهه اسان نوٽ ڪئي آهي قطر جي شهزادي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته لنڊن جي ملڪيت ان جي هئي سوال آهي ته ڇا حسن نواز جو بيان قطر جي شهزادي جي خط سان مشابهت رکي ٿو نعيم بخاري چيو ته ڪرايو ڪاروبار مان ادا ڪرڻ جو ڪوبه به دستاويزي ثبوت نه آهي 1999 ۾ حسن نواز شاگرد هو ٻن سالن کان پوءِ فليگ شپ ڪمپني جي رقم ڪٿان آئي ڪرايو ڏاڏي جو شروع ڪيل ڪاروبار کان اچي ٿو اهو حسن نواز مڃي چڪو آهي حسين نواز چيو ته حسن نواز کي ڪاروبار جو پئسو ان ڏنو چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ميان شريف پاڻ ڪاروبار سنڀاليندو هو ٿي سگهي ٿو ته ميان شريف ٻارڙن ۽ پوٽن جي سارسنڀال ڪندو هجي جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته سمورن بيانن کي گڏ ڪري پڙهيو وڃي ته پئسو دبئي مان قطر پوءِ سعودي عرب ۽ پوءِ لنڊن ويو جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته ڪوونبر ڪمپني جي نالي سان به هڪ آف شور ڪمپني آهي ان کي جيڪا ڪمپني فنڊ فراهم ڪري ٿي اها دبئي ۾ ڪوونبر کي اها رقم ڪٿان اچي ٿي اهو سوال وڪيل دفاع واري کان پڇا ڪنداسين عمران خان جي وڪيل چيو ته نوازشريف جي گوشوارن موجب مريم نواز 2011 ۾ ان جي ڪفالت هيٺ هئي پهريان نوازشريف مريم کي 3 ۽ پوءِ 5 ڪروڙ رپين جو تحفو ڏنو پانامه ليڪس جي دستاويز ڊائون لوڊ ڪئي ويئي آهي جنوري 2099 ۾ فليٽن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن ۾ ميان شريف شهبازشريف حمزه شريف شميم اختر صبحه اختر ۽ مريم نواز شامل هئا 1999 ۾ لنڊن جي هڪ عدالت فيصلو جاري ڪيو هو ته وزيراعظم جي بيان ۾ تضاد آهي ان سبب هو صادق ۽ امين هاڻي ناهي رهيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي توهان کان گهڻا ڪجهه سوال ڪرڻا آهن بخاري صاحب توهان جنهن دور جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ان وقت وفاق مشرف کي ظاهر ڪندو هو ڇا مفاد جي تحت درخواست ۾ صادق ۽ امين جو معاملو ٻڌي سگهجي ٿو ان حوالي سان قانون مطابق فورم موجود آهي جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي پهريان سزا ٿي پوءِ هو نااهل ٿيو نعيم بخاري پاران دليل مڪمل ٿيڻ تي عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد پنهنجا دليل شروع ڪيا ۽ چيو ته ان جو ڪيس شارٽ سوئٽ ۽ سمارٽ آهي اسان پانامه ليڪس تي ٽي او آر ڪميٽي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين فورمن تي به وياسين پر فائدو نه ٿيو قائمه ڪميٽي ۾ ايف بي آر پارليامينٽ جي ميمبرن جي توهين ڪئي کير جي سنڀال تي ٻلن کي نٿو ويهاري سگهجي عام ماڻهو آهيان منهنجو وڪيل منهنجو رب آهي منهنجو ايمان آهي ته عدالت کي ڪيس جي ڄاڻ آهي ۽ الله تعاليٰ توهان کان فيصلو وٺڻ چاهي ٿو مان جدي ۽ دبئي جي ملڪيت جي تفصيل ۾ نه ويندس نوازشريف جي ڪاغذ نامزدگي تي قانون جا ماهر موجود آهن اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪاغذ نامزدگي ۾ ڪفالت هيٺ هجڻ جو خانو نه هو ڪفالت هيٺ ۾ ٻن ماڻهن جو نالو داخل آهي هڪ ڪفالت هيٺ گهرواري ۽ ٻي ڌيءَ آهي عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ چيو ته ڄاڻ نه آهي ته 12 ملين درهم ڪيتري برڪت وارا آهن جيڪي 1989 کان وٺي اڄ تائين ختم نه ٿي رهيا آهن انهن کي ٿورڙو به شڪ نه آهي ته آف شور ڪمپنيون نوازشريف جون آهن مريم نواز ڪفالت هيٺ آهي ته آف شور ڪمپنيون ظاهر ڪرڻيون هيون ٽيڪس ۽ نيسپول کي گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجي ها. شيخ رشيد چيو ته تاريخ ۾ اهڙا موقعا ايندا رهندا آهن پر جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو آخري موقعو آهي وقفي کان پوءِ جڏهن ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته وزيراعظم جي وڪيل اسلم بٽ دليل ڏيندي چيو ته درخواست ڪندڙن ڪوبه ثبوت فراهم نه ڪيو آهي هن چيو ته 1992 ۾ مريم نواز جي شادي کان پوءِ هو وزيراعطم جي ڪفالت هيٺ نه آهي سلمان اسلم بٽ چيو ته ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرائڻ وقت صرف بيگم ڪلثوم نواز ڪفالت هيٺ هئي جسٽس آصف سعيد کوسي سلمان اسلم بٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته پئسو ڪٿان آيو اهو توهان کي ثابت ڪرڻو آهي سلمان بٽ چيو ته مريم نواز جي ملڪيت جي تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو ڪالم موجود نه هو جسٽس آصف سعيد کوسي پڇا ڪئي ته جيڪڏهن ڪو مخصوص ڪالم نه هو ته نالو لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪڏهن نالو لکڻ ضروري هو ته ڪنهن ٻئي ڪالم ۾ لکيو وڃي ها عدالت 3 سوال اٿاريا وزيراعظم جي ٻارڙن جون ڪمپنيون ڪيئن ٺهيون ڪفالت هيٺ جي معاملي جي وضاحت ڪئي وڃي ۽ وزيراعظم جي تقريرن ۾ سچ ڳالهيون ويو آهي يا نه ان کان پوءِ پڇيل ٽنهي سوالن جو جواب گهرندي ڪيس جي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *