تازيون خبرون

پاناما مان واندا ٿي سنڌ طرف اينداسين، هت ڪرپشن جي ڪري ماڻهن کي پاڻي نه پيو ملي: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجينده نه آهي، شهر جي وڏي آبادي کي اڃ ماريو پيو وڃي، حڪومت جو ڌيان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ڪرپشن تي آهي، جلد پاڻي جي فراهمي لاءِ حڪومت خلاف روڊن تي اينداسين، هو گلستان جوهر صفوران ڳوٺ ۾ قائم هائيڊرن جي اڳيان ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ڪراچي کي مختلف مافيا پنهنجي چنبي ۾ ورتو آهي ۽ ان سموري مافيا کي حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان شهرين کي محروم رکڻ انتهائي نااهلي جو ثبوت آهي، هن چيو ته پاڻي مافيا سياسي سرپرستي ۾ عوام جي تڪليفن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، جلد پي ٽي آءِ ڪراچي جي عوام لاءِ رستن تي نڪرندي، ان کان اڳ ڪراچي اچڻ کانپوءِ عمران خان دارالعلوم فاروقيا ۾ مولانا سليم الله خان جي لاڏاڻي تي ان جي پٽن سان تعزيت ڪئي. ان جي ديني خدمتن کي ساراهيندي عمران خان چيو ته ان جي لاڏاڻي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان کي ڀرڻ مشڪل آهي، ان کانپوءِ عمران خان ايڪسپو سينيٽر ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي خوف تي ڪنٽرول ڪري، هارائڻ کان ڊڄڻ وارو بزدل ڪڏهن به ليڊر نه بڻجي سگهندو آهي، سياست ۾ خدمت بدران پيسا ڪمائڻ اچن ٿا، سياست هڪ اهم ذميواري آهي جيڪا عوام جي امانت عوام تائين پهچائڻي هوندي آهي، هن چيو ته 70 ڪروڙ ۾ ٺهندڙ شوڪت خانم اسپتال ۾ اڄ 4 ارب رپيا ساليانو غريب مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو، خدمت جو جذبو هجي ته ڪنهن سياسي منصب جي ضرورت نه هوندي آهي، لاهور ۽ پشاور کانپوءِ سڀ کان وڏي شوڪت خانم اسپتال ڪراچي ۾ مڪمل ٿي ويندي. نمل يونيورسٽي 90 سيڪڙو اسڪالرشپ تي تعليم ٻارڙا حاصل ڪري رهيا آهن جنهن ۾ بريڊ فورڊ يونيورسٽي لنڊن جي ڊگري ڏني ويندي آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عارف علوي، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري عمران اسماعيل، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *