تازيون خبرون

ٽام ليٿم بنگالين کي ڌوئي ڇڏيو، ڪيوي ٽيم پهرين ون ڊي ۾ 77 رنسن تان ڪامياب

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش کي 77 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪرائسٽ چرچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 341 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٽام ليٿم 137 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته ڪولن منرو پڻ 87 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم 44.5 اوورن ۾ 264 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪيوي ٽيم 77 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي. ٽام ليٿم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *