تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

وڏي وزير دهشتگرديءَ جي انت وارين عدالتن کي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو آهي جنهن دوران وڏي وزير  مراد علي شاهه دهشتگرديءَ جي انت وارين عدالتن کي جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران وڏي 8 اي ٽي سي عدالتن کي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني، وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عدالتن کي منتقل ڪرڻ جو جلد کان جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، دهشتگردي ٽور علداتن کي فوري طور منتق ڪيو وڃي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته مون کي امن امان قائم ڪرڻو آهي، وڏي وزير کي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن دوران عملدارن جو چوڻ هو ته خطرناڪ قيدين کي عدالت آڻڻ ۽ وٺي وڃڻ سڪيورٽي رسڪ آهي. سينٽل جيل ۾ اڳ ئي 2 دهشتگرديءَ جي انت واردون عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن، ڪلفٽن ۾ 8 ڪورٽو ڪم ڪري رهيون، جنهن کان پوءِ وڏي وزير دهشتگرديءَ جي انت واريون عدالتون سيٽرل جيل منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل، وڏي وزير جوپرنسل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، گھرو کاتي جو اسيپيشل سيڪريٽري ۽ خزاني وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *