تازيون خبرون
شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار، نيب ۽ نيازي تماشو لڳائي رهيو آهي: ن ليگ - ن ليگ جي خواهش پوري ٿي، شاهد خاقان چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي: فردوس عاشق - ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي: عمران خان - سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي پيون ٿين: مرتضيٰ وهاب - حڪومت گرفتارين ذريعي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري - پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون: مريم نواز جو انٽرويو - ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب فنڊ قائم ڪيو آھي: وڏو وزير - شاهد خاقان کي گرفتاري جي خبر هئي، ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون؛ شيخ رشيد - جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي ٽيم جو ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ - نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين: احسن اقبال/مريم اورنگزيب

ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ملڪ ٽٽي ويندو،  جڏهن ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت هئڻ گار آهي. قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي ويو آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، هر پاڪستاني لاءِ زندگي تنگ ٿي وئي آهي،  ون يونٽ يا صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو.  هن چيو ته هي ڪهڙي حڪومت، ڪهڙو نظام ۽ انصاف آهي، حڪومت قرض وٺڻ لاءِ خوشيون ملهائي رهي آهي، ايمنسٽي اسڪيم اميرن لاءِ آهي، حڪومت رڳو اميرن کي فائدو پهچائي رهي آهي، غريبن جو حق ماريو پيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته ظالم حڪمرانن جي دل ۾ عوام لاءِ ڪابه همدردي ناهي، هي نظام هلي نه ٿو سگهي، عوام هڪ حد تائين ظلم برداشت ڪندو پوءِ عوامي رد عمل ايندو، حڪومت ڀلي سموري اپوزيشن کي جيل ۾ وجهي عوام ٻاهر نڪرندو.  سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٿيل ٺاهه کي اسيمبليءَ مان منظور نه ڪرايو ويو ته غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو.  وزيراعظم عمران خان طرفان صاحبه چوڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ سان عمران خان پنهنجو قدم ننڍو ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت هئڻ گار آهي،  پنهنجي عهدي ۽ ملڪ جو ئي احترام ڪيو، پنهنجي زبان تي قابو ڪيو، روشني کان وڌيڪ رفتار سان سندس زبان منجهي رهي آهي. هن چيو ته مرد کي عورت چوڻ عورت لاءِ ڪهڙو پيغام آهي، مرد کي عورت چوڻ سان مرد کي ڪجهه نه ٿيندو، اهو ٻارڙن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته عورت گار آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *