تازيون خبرون

وفاق کي پورٽ قاسم ٽيسڪٽائل سٽي پروجيڪٽ ختم ڪرڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هُو وفاقي حڪومت کي پورٽ قاسم وٽان ٽيڪسٽائل سٽي پروجيڪٽ ختم ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو. هن چيو ته اهو سنڌ حڪومت جي معيشت ۽ روزگار جي حوالي سان تمام اهميت وارو منصوبو آهي. هن اها ڳالهه اڄ پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ (پي ٽي سي ايل) سان وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، سيڪريٽري صنعت رحيم سومرو ۽ ٻيا شريڪ هئا. صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت کانپوءِ سنڌ ان ڪمپنيءَ جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر آهي ۽ ڪمپنيءَ ۾ 16 سيڪڙو شيئرز آهن پر ان جو رڳو هڪ ڊائريڪٽر بورڊ آهي جيڪا پڻ ناانصافي آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت جا 40 سيڪڙو شيئرز آهن، پورٽ قاسم ۽ پاڪستان انڊسٽريل ڪارپوريشن جا ترتيبوارو 8 ۽ 7 سيڪڙو ۽ ٻين ڪمپنين جا 4 سيڪڙو شيئرز آهن. سنڌ صوبي ٽيڪسٽائل سٽي جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جا 200 بلين رپيا ادا ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ کي زمين جي الاٽمينٽ لاءِ پي ڪيو اي کي 1250 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي آهي، پي ڪيو اي 27 آگسٽ 2006ع کي پاڪستان ٽيڪسٽائل سٽي لميٽڊ کي الاٽمينٽ ليٽر جاري ڪيا جنهن ۾ لاڳت جو تخمينو هڪ ملين رپيا في ايڪڙ آهي، زمين جو قبضو 2005ع ۾ حوالي ڪيو ويو هو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته زمين جو تعلق سنڌ حڪومت سان آهي ۽ پي ڪيو اي پي ٽي سي ايل کي بند ڪرڻ بعد زمين پاڻ وٽ نه ٿي رکي سگهي. هن وزير صنعت کي چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت (پي ٽي سي ايل پروجيڪٽ کي ختم ڪرڻ) جهڙو قدم کڻي ٿي ته سندس زمين جي واپسيءَ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ زمين ۽ ٻين معاملن لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار رهي. سيڪريٽري صنعت رحيم سومري هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جو خيال آهي ته پي ٽي سي ايل پروجيڪٽ فزيبل نه آهي، ان تي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ سٽي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪپهه پوکي ويندي آهي، جيڪڏهن ٽيڪسٽائل سٽي فيصل آباد ۽ گجرانوالا ۾ فزيبل آهي ته اها ڪراچي ۾ به فزيبل آهي. صوبائي وزير صنعت چيو ته پي ٽي سي ايل تي ٽي بلين رپين جا قرض آهن ۽ پي ٽي سي ايل تي نيشنل بينڪ جو قرض ۽ وياڄ، پي ڪيو اي جو گرائونڊ رينٽ، بلڊرز جي روڪيل رقم ۽ نيسپاڪ جي پروفيشنل فيس جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي آهي. منظور وساڻ منصوبي بابت ٻڌائيندي چيو ته پروجيڪٽ جو ماسٽر پلان منظور ٿي چڪو آهي ۽ گندي پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ پلانٽ جو ڊزائين به اين اِي سي منظور ڪيو آهي، ايس ايس جي سي پاران گيس جي ايلوڪيشن اڃا به التويٰ ۾ آهي، ٻاهرين پاڻيءَ واري پائپ لائين جو ڪم 19 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ بعد ان کي بند ڪيو ويو، زمين جي سطح کي هموار ڪرڻ ۽ گريڊنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪارپيٽنگ وارو ڪم 9 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ايڊمنسٽريشن بلاڪ لاءِ عمارت مڪمل ٿي چڪي آهي، ريزرووائر جو 50 سيڪڙو ڪم پورو ٿي چڪو آهي، ڪي-اليڪٽرڪ هڪ ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي آهي. وڏي وزير وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي سمورا قرض واپس ڪري ۽ منصوبي تحت پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري. هن چيو ته ان منصوبي سان 150000 ملازمتون پيدا ٿينديون ۽ ان منصوبي جي اهميت کي ڏسندي ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن صوبائي وزير منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته هُو وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل وزارت سان ڳالهائي ۽ ان کي يقيني بڻائي، نه ته ٻين آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *