تازيون خبرون

وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارن جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه فاٽا بابت سڌارن واري ڪميٽي جون سفارشن واري اصولي منظوري ڏيئي ڇڏي خميس تي وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ فاٽا بابت سڌارن سميت وڌيڪ معاملن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ فاٽا بابت سڌارن واري ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏني ويئي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ هر شهري کي ڪنهن فرق کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هئڻ گهرجن هن فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي کي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان بريل آهي وزيراعظم چيو ته فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري سالميت ۽ بچاءُ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي وزيراعظم چيو ته فاٽا گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ عوام جو قومي وسيلن تي اهڙي طرح برابر وارو حق آهي جهڙي طرح باقي صوبن ۾ رهندڙ عوام جون هن چيو ته فاٽا جي عوام کي ان جي جائز حق مطابق قومي وسيلن ۾ ان جو حصو ڏيڻ جي حمايت ڪئي هن ملڪ جي يڪجهتي لاءِ قومي جذبي کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي سمورن حصن ۾ رهندڙ عوام کي ترقي جي ثمر مان فائدو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو زويراعظم چيو ته اسان تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ترقي ۾ پوئتي رهندڙ علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ۽ انهن علائقن جي عوام کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪيون وزيراعظم چيو ته قومي يڪجهتي ۽ مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته پاڪستانيت جي جذبي کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ هر قسم ي تعصب کان بي نياز ٿي ملڪ جي هر حصي کي ترقي جي ثمر ۾ شريڪ ڪيو وڃي اسان جو فرض آهي ته اسان گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ته جيئن اتان جي عوام جي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي ڪري سگهي هن چيو ته اسان جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته ڪنهن به تميز کان سواءِ هر پاڪستاني ک اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا ڏنا وڃن ان مقصد لاءِ اسان کي پوئتي رهندڙ علائقن ۽ عوام تي خاص ڌياڻ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قبائلي عوام محب الوطني جي جذبي سان ڀريل آهن ان جي تاريخ پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهي هن چيو ته پاڪستان جي بچاءُ ۽ سلامتي لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون آهن وقت اچي ويو آهي ته هاڻي انهن کي به پاڪستانيت جي ڌارا ۾ آڻي سالن کان هلندڙ محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ سيڪريٽري سفيران ارباب شهزاد فاٽا سڌارن جي ڪميٽي جي صفارشن بابت ڪابينه کي بريفنگ ڏني ڪي پي ڪي جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا خاص دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ياد رهي ته سڌارن واري ڪميٽي فاٽا کي ڪي پي ڪي صوبي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ سياسي انتطامي عدالتي ۽ سيڪيورٽي سڌارن سميت نئين سر تعمير ۽ بحالي پروگرام جون سفارشون پيش ڪيون هيون اهڙين سفارشن جي ڊرافٽ موجب پاڪستان جي قبائلي علائقي فاٽا کي پنجن سالن لاءِ ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊرافٽ ۾ لکيو ويو ته فاٽا جي عوام گذريل 30 سالن ۾ جنگ ۽ بحران کان سواءِ ڪجهه به نه ڏٺو آحي ان ڪري فاٽا جي عوام هاڻي امن خوشحالي ۽ شهري حق جا حقدار آهن. ڪميٽي جي سفارشن موجب فرٽيئر ڪرائيم ريگوليشن جو نالو مٽائي فاٽا ريگيوليشن ايڪٽ 2016 جو نالو رکيو وڃي. جنهن ۾ جرڳو سسٽم سول ۽ ڪرمنل مسئلن جي سمورن سيشن کي ختم ڪيو ويندو ته جيئن عدالت پاران قانون جي نفاذ ۽ رواج موجب انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪائونسل مقرر ڪري سگهجن عدالت جي اختيارن کي وڌائڻ جو مقصد آرٽيڪل 247 ۾ ترميم ڪرڻ آهي ته جيئن فاٽا جي عوام کي بنيادي ۽ شهري حق حاصل ٿي سگهن ڪميٽي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن پوليس جي لاءِ يونيفارم متعارف ڪرائڻ 10 هزار نوجوان ڀرتي ڪرڻ ۽ پاڪ افغان بارڊر مئنجمينٽ سيڪيورٽي لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڀريو. ڪميٽِ فاٽا ۾ ترجيحي بنيادن تي سول لا ۽ سيڙپڪاري لاءِ جائداد جي خريد ۽ وڪرو جو رڪارڊ رکڻ جي تجويز پيش ڪئي ڪميٽي انهن سڌارن تي نظر رکڻ لاءِ ڪي پي ڪي صوبي جي گورنر سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار وزير سيفران قانون واري وزير ۽ هڪ پاڪ فوج جي نمائندي تي ٻڌل سڌارن واري ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ڪميٽي وزيراعظم سان گڏجي انهن سڌارن جو 6 مهينن جو جائزو وٺي سگهي. وزيراعظم نوازشريف 2015 ۾ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا قانون واري وزير زاهد حامد عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن ڪميٽي جي ميمبرن فاٽا جو دورو ڪرڻ کان پوءِ قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ قبائلي ۽ حڪومتي نمائندن مستقبل ۾ فاٽا ۾ نون سڌارن کي شامل ڪرڻ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار جنرل هيڊڪوارٽرن مان ڄاڻ به فراهم ڪئي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *