تازيون خبرون

واچ لسٽ ۾ پاڪستان جي نامزدگي روڪرائڻ لاءِ حڪومت دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته دهشتگردي سان سهڪار ڪندڙ واچ لسٽ ۾ پاڪستان جي نامزدگي روڪرائڻ لاءِ حڪومت دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهي. آمريڪا، فرانس، برطانيا، جرمني ۽ ٻين اهم ملڪن ۾ پنهنجي وزيرن کي موڪليو آهي جيئن انهن ملڪن کي اهو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان دهشتگرد گروپن ۽ انتهاپسند تنظيمن  خلاف خاص قدم کڻندي سندن ٿاڪ ختم ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دنيا کي ٻڌائينداسين ته انتهاپسند تنظيمن جي خلاف قانون سازي ڪئي وئي آهي، اهو قانون ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويندو ڄاڻايل تنظيمن جا اثاثا حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتا آهن جنهن جي اسڪولن، ايمبولينسن ۽ ٻين فلاحي ڪمن جي نگراني حڪومت پاڻ ڪندي، ڄاڻايل تنظيم جون ايمبولينسون هلال احمر پنهنجي نگراني ۾ آهي، دهشتگردي سان سهڪار ڪندڙ واچ لسٽ مان پاڪستان جي نامزدگي روڪرائڻ لاءِ ڪيترن ئي دوست ملڪن پنهنجي کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪن ملڪ پاڪستان جي آزاداڻي پاليسي کي پنهنجو تابع ڪرڻ لاءِ سياسي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن، اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا بندوبست ڪيا ويا آهن، خواجا آصف چيو ته اسان پهرين به اهڙين پابندين کي منهن ڏئي چڪا آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *