تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

ن ليگ جي هڪ ڌڙي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رپورٽ جي حمايت ڪري ڇڏي، رپورٽ اسان لاءِ رهنمائي آهي: خرم دستگير

لاهور(م.ڊ) حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز جي هڪ ڌڙي گھرو وزير چوڌري نثار علي بابت سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ڪميشن جي جاري ڪيل رپورٽ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. واپار ۽ صنعتن واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪميشن جي رپورٽ اسان لاءِ هڪ رهنمائي آهي، ادارن جي کوٽ ايندڙ سالن ۾ پوري ڪري وٺنداسين. لاهور جي پولوڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته 2012ع جي مقابلي ۾ اڄ دهشتگردي 80 سيڪڙو گھٽجي وئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي ۽ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ بابت هي سال سٺو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال پاڪستان لاءِ سٺو رهيو آهي ۽ اها خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جون روشنيون بحال ٿي رهيون آهن. قوم دعا ڪري ته ايندڙ سال به هن سال کان بهتر هجي. 37

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *