تازيون خبرون
هڪ سال ۾ پيٽروليم شين جي مد ۾ 206 ارب 28 ڪروڙ ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف - وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ ذريعي متبادل نظام هلائڻ چاهي ٿو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ سرڪار - جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي ويو - ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو - حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي: عمران خان - وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق - ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ نبيري مان مليل رقم سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر - وڏي وزير جي صدارت ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس، آءِ جي سنڌ جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار، ٺهراءُ منظور - ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي بازياب نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون - اسلام ڪوٽ: مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي، واٽھڙو فوت، 3 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

نوجوان اسپنر اميدن موجب بالنگ نه ڪري سگهيا: وقار يونس

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان  ٽيم جا بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪنهن جي باري ۾ راءِ ڏيڻ  صحيح فيصلو ناهي.پي سي بي طرفان جاري ڪيل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته نوجوان  اسپنر اميدن موجب بالنگ نه ڪري سگهيا سڀ بالر ننڍي عمر جا آهن. آسٽريليا جي ڪنڊيشن ۾ لائن ولينتهه ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ آسان ناهي هوندو. اهو نه سوچڻ گهرجي ته  اسپنر بالرن ۾ صلاحيتون ناهن.هن چيو ته اسپنرن وٽ اسپن جو هٿيار آهي. ايڪشن به سٺو آهي. ايندڙ وقت ۾ به بالر ملڪ جي لاءِ سٺي پرفارمنس ڪندا. هن چيو ته شاهين آفريدي کي کيڏڻ جو موقعو مليو ۽ هاڻ هو بهتر بالنگ ڪري رهيو آهي.ٻين نوجوان بالرن کي ڇهن مهينن کان هڪ سال جو وقت ڏيڻو پوندو. عمران خان سينئر به ٽيلنٽ جي باوجود بدقسمتي سان پرفارم ناهي ڪري سگهيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *