تازيون خبرون
شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار، نيب ۽ نيازي تماشو لڳائي رهيو آهي: ن ليگ - ن ليگ جي خواهش پوري ٿي، شاهد خاقان چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي: فردوس عاشق - ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي: عمران خان - سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي پيون ٿين: مرتضيٰ وهاب - حڪومت گرفتارين ذريعي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري - پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون: مريم نواز جو انٽرويو - ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب فنڊ قائم ڪيو آھي: وڏو وزير - شاهد خاقان کي گرفتاري جي خبر هئي، ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون؛ شيخ رشيد - جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي ٽيم جو ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ - نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين: احسن اقبال/مريم اورنگزيب

نواز شريف پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پرڏيهه علاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان پندرنهن صفحن تي ٻڌل نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اٺاويهه مارچ تي ڇهن هفتن لاءِ مشروط ضمانت ڏني هئي، ضمانت طبي بنيادن تي ڏني وئي، ڇوويهه مارچ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڇهن هفتن دوران ملڪ ڇڏي نه ٿو وڃي سگهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي پاڪستان ۾ علاج ڪرائڻ جي پابندي تي نظرثاني ڪئي وڃي، نواز شريف جو علاج اهڙي ڊاڪٽر کان ممڪن آهي جنهن برطانيا ۾ سندس علاج ڪرايو هو، سپريم ڪورٽ طرفان لکيل حڪم نامي ۾ چيو آهي ته نواز شريف ضمانت ۾ واڌ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو پر لکت حڪم نامي ۾ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حصو شامل ناهي.  سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف جي مڪمل صحتيابي ڇهن هفتن ۾ ممڪن ناهي، جڏهن ته پاڪستان، برطانيا، آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ جي طبي ماهرن موجب نواز شريف جي حياتي کي خطرو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي دل ۽ گڙدن جا مرض آهن، نواز شريف هاءِ بلڊ پريشر، شوگر ۽ گڙدن جي ٽئين درجي جي بيماري جو شڪار آهي، تنهن ڪري رڳو پاڪستان ۾ نواز شريف جي علاج لاءِ پابند ڪرڻ جي ڇوويهه مارچ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *