تازيون خبرون

نواز شريف وٽ ثبوت آهن نه ئي دولت جو جواب، وزيراعظم پاڻ بچائڻ لاءِ ٽرمپ کي نه گهرائي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته نواز شريف نه ثبوت آهن ۽ نه ئي سموري دولت جو جواب آهي، چاهيون ٿا ته ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي اها ئي بينچ ڪري، ملڪيت ورهائڻ کانپوءِ فليٽ ڪمپنني جو جواب ڏيڻو پوندو، عدالت شريف فيملي کان ثبوت ورتا آهن، هاڻ سوال جج ڪندا، اڱاري تي بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نعيم بخاري ۽ وڪيلن جي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو، اسان جي وڪيلن پوري تياري ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻ نه صرف نواز شريف پر ان جي وڪيلن کي به گهڻن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، هاڻي جج شريف فيملي کان سوال ڪندا، هن چيو ته مون سان ماڻهو نه نڪرن هان ته پاناما ڪيس دٻجي وڃي ها، پي ٽي آءِ کي جيڪو ڪم ڪرڻُو اهو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم قوم ۽ پارليامينٽ سان ڪوڙ ڳالهايو، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف وٽ پنهنجي دولت بابت نه ڪو ثبوت آهي ۽ نه ئي ڪو جواب.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *