تازيون خبرون
حڪومت جي يو آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي، مولانا وزير اعظم جي استعيفيٰ جو شرط رکي ڇڏيو - اهي ماڻهو ضد تي آهن ته آئين ٽوڙيو وڃي، آئين جي ابتڙ ڪوبه ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه - غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺهرائيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ رُپيا جمع ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي: عدالت - موري  ڀرسان بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت، 35  زخمي - مسلم امت جو گڏيل اتحاد ۽ اتفاق خطي ۾ امن ۽ معاشي استحقام جو ضامن آهي: فردوس عاشق اعواڻ - شاهي جوڙي جو چترال پهچڻ تي شاندار استقبال، روايتي ٽوپي پهرائي ويئي - مون کي يقين آهي ته ڌرڻو نه هنيو ويندو، سولائي سان ڌرڻي جي اجازت نه ملندي: شيخ رشيد - پ پ چونڊن دوران ڪيل واعدا پاڙي رهي آهي، صحافين جي جان مال جي تحفط  لاءِ  قانون جوڙي رهيا  آهيون: سعيد غني - حمزه شهباز کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، ملڪ تي عمران سوچ مڙهيل آهي:مريم اورنگزيب - نيب انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نمرتا ڪيس: 15 سيپٽمبر واري رات مهراڻ ابڙو ۽ نمرتا وچ ۾ اهم موضوع تي بحث ٿيو: فارينز رپورٽ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آصفه ڊينٽل ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي هاسٽل مان مئل حالت ۾ مليل شاگردياڻي نمرتا ۽ گرفتار ٻن شاگردن جي موبائيل فونز ۽ ليپ ٽاپس جي فارينز رپورٽ سامهون اچي وئي، ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي ليپ ٽاپ مان 334 “جِي بي“ ڊيٽا ملي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي آءِ فون جو پاسورڊ نه کلڻ سبب ڊيٽا ملي نه سگهي آهي. جڏهن ته گرفتار مهراڻ ابڙو جي موبائيل فون مان ڊليٽ ٿيل ميسيجز سميت 15 جي بي ۽ علي شان ميمڻ جي موبائيل فون مان 18 جي بي ڊيٽا ملي آهي. ٻنهي شاگردن جي موبائيل مان نمرتا جون تصويرون به مليون آهن. رپورٽ موجب نمرتا جو موبائيل نمبر مهراڻ جي موبائيل ۾ نِمِي ۽ علي شان جي موبائيل ۾ ونڊر وومين جي نالي سان سَيو ٿيل آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 15 سيپٽمبر واري رات مهراڻ ابڙو ۽ نمرتا ميسيجز ذريعي رابطي ۾ هئا، ان رات نمرتا پريشان هئي، هڪ اهم موضوع تي ٻنهي وچ ۾ ڪافي دير تائين بحث هلندو رهيو. فارينزڪ رپورٽ موجب نمرتا، مهراڻ ۽ علي شان وچ ۾ 45 ڏينهن اندر 4 هزار کان وڌيڪ ڀيرا فون ڪال ۽ مسيجز تي رابطو ٿيو. رپورٽ موجب نمرتا ڏيڍ مهيني دوران پنهنجي ڀاءُ وشال کي هڪ ڀيرو به فون ڪال نه ڪئي. فارينز رپورٽ عدالتي ڪميشن حوالي ڪئي وئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *