تازيون خبرون

ناهي چيو ته اي ڊي خواجه نه ايندو، چوڌري نثار معاملي کي تڪراري نه بڻائي: وڏو وزير

ڳڙهي خدابخش(م.ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه موڪل جي درخواست ڏني آهي هو موڪل تي آهي. چوڌري نثار هروڀرو تڪراري پيو بڻائي. هو ڳڙهي خدابخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. صحافي پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون اهو ناهي چيو ته اي ڊي خواجه نه ايندو. پنهنجي مرضي سان آءِ جي سنڌ مقرر ڪنداسين. هن چيو ته آصف زرداري جڏهن چاهي ڏيهه اچي ۽ جڏهن چاهي پرڏيهه هليو وڃي، ڳڙهي خدابخش واري جلسي ۾  آصف زرداري سرپرايئز ڏيندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جڏهن چاهي جتان چاهي چونڊ وڙهي سگھي ٿو، سڄو پاڪستان سندس آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رينجرز قانون موجب ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هاڻوڪين ڪارروائين جي حوالي سان شڪايت آئي هئي. جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. هاڻي درخواست ايندي ۽ پوويس ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ خيرات ۽ قرض وٺڻ لاءِ به تيار آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *