تازيون خبرون

مڪاني ادارن جي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ کانسواءِ جمهوريت کي هٿي نه ملي سگهندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوا زشريف چيو آهي ته مڪاني ادارن جو بهتر ڪم ڪرڻ کانسواءِ جمهوريت کي هٿي نه ملي سگهندي، مڪاني نمائندن کي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائڻو پوندو، هو اڱاري تي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب جي صوبائي اڳواڻ جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، صوبائي اڳواڻن وزيراعظم کي صوبي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کانپوءِ ميئرز ۽ ڊپٽي ميئرز جي چونڊ بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته مڪاني ادارا صوبائي ۽ قومي سطح تي تربيت يافته ۽ باصلاحيت قيادت فراهم ڪن ٿا، اجلاس ۾ خواجه آصف، چوڌري نثار علي خان، شاهد خاقان عباسي، احسن قبال، خواجه سعد رفيق شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته مڪاني نظام جمهوريت جو بنيادي حصو آهي، مڪاني نظام جي بحال ٿيڻ سان جمهوري نظام مضبوط ٿيندو، هن اهو عزم ڪيو ته بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪاني نمائندن کي بااختيار بڻايو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *