مولانا صاحب هڪ سيٽ لاءِ ڇو پاڻ کي خوار پيو ڪري: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مهانگائي تي سياست ڪندڙ اپوزيشن عوام جي لٽيل دولت واپس ڪري ته عوام کي ڪافي حد تائين رليف ملي سگهي ٿو ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جا ادارا ملڪ جي طاقت ۽ عمران خان عوام جي سڃاڻپ آهي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جون ابتيون ستيون ڳالهيون ان جي  مايوسي جو اظهار آهي هن چيو ته محسوس ٿئي ٿو ته آزادي مارچ جي ناڪامي جو  صدمو مولانا صاحب برداشت ناهي ڪري سگهيو هن چيو ته پنهنجن ۽ پنهنجن ڪارڪنن جون توانائيون ضايع ڪرڻ بدران 2023 تائين آرام ڪري هن چيو ته مولانا اوهان آزادي مارچ ۾ حڪومت ختم ڪرڻ نڪتا هئا پر حڪومت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي هن چيو ته اوهان جو ڪلهو استعمال ڪندڙ لنڊن پهچي چڪا آهن هن چيو ته مولانا صاحب هڪ سيٽ لاءِ ڇو پاڻ کي خوار ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته مهانگائي تي سياست ڪندڙ اپوزيشن عوام جي  لٽيل پيسا واپس ڪري ته عوام کي رليف ملي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان دشمني ۽ اقتدار جي لالچ ۾ هي انڌا ٿي چڪا آهن هن چيو ته عوام چونڊن ۾ جن جي ٻيڙي ٻوڙي اهي اقتدار جي ٻيڙي نه ملڻ جو ڏک سور ڪنهن ٻئي هنڌ ختم ڪن

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.