تازيون خبرون

موجوده حڪومت انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ تمام گهڻا قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته موجوده حڪومت انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن بين الاقوامي انساني حقن جي عينڪ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي گڏيل قومن پاران 1948 کان انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد دنيا جي قومن جو ڌيان انساني حقن ۽ انساني قدرن جي تحفظ ڏانهن ڏيارڻ آهي وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن پاران انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات کان پهريان اسان جي مذهب اسلام انساني حقن جي پاسداري جي تعليم ڏني آهي هن چيو ته مان هميشه انساني آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۽ سڀني جي لاءِ انصاف جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي هن چيو ته مان هميشه فرق ۽ شدت پسندي جي خلاف جدوجده ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اسان جي حڪومت قائداعظم جي ويزن موجب پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بنائڻ لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان پرامن جو هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهيون جتي سمورن انسانن کي برابر جو درجو حاصل هجي ۽ ذات نسل رنگ مذهب جي نالي تي ان سان فرق نه ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي سميت تمام گهڻا للڪار درپيش آهن ته ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان پنهنجي علائقائي ۽ بين الاقوامي ذميوارين کان پوري طرح باخبر آهي ۽ اسان انساني حقن جي حوالي سان ڪنوينشن تي مناسب طور تي عمل ڪري رهيا آهيون هن چيو ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي منصوبي تحت نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن ته جيئن انهن کي بااختيار ۽ ڪابل بڻائي سگهجي ته هو قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *