تازيون خبرون
پاڪستان جي هاڪاري رويي کي ڀليڪار، اميد ته ڀارت سهڪار ڪندو: برطانوي پارليامينٽ ميمبر - غير جمهوري سازش نه ڪنداسين، آئيندي طريقي سان حڪومت ڪيرائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري - غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار: ڪراچي شهر جي تباهيءَ جي ذميوار ايس بي سي اي قرار - پنجاب ۾ 5 آئي جي بدلي ڪيا ويا پر سنڌ ۾ وفاق غير معقول رويو اپنايو: وڏو وزير - اٽي بحران جي شروعاتي رپورٽ تي وزيراعظم وڌيڪ جواب طلب ڪيا آهن.راڻا ثناءُ الله مون کي بچايو تحريڪ هلائي رهيو آهي: فردوس عاشق - عالمي سطح تي به ملڪن ۾ برابري ناهي، 5 ملڪن وٽ ويٽو جا اختيار هجڻ به اڻبرابري جو مثال آهي: انتونيو گوتريس - ڪو فاسٽ مارچ نه ٿيندو، مولانا فضل الرحمان ڌرڻو هنيو ته کنڀجي ويندو: شيخ رشيد - ايف اي ٽي ايف مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ خلاف پاڪستاني ڪوششن جو اعتراف، نالو في الحال گري لسٽ ۾ رهڻ جو امڪان - سنڌ حڪومت سدائين پي ايس ايل کي سپورٽ ڪيو: احسان ماني - اسلام ڪوٽ: اڳوڻي پريميڪا جي تصوير اپ لوڊ ڪرڻ بعد نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

مفتي عبدالقوي طرفان ڪيس واپس وٺڻ تي ڪروڙن جي آڇ آهي: قنديل جا والدين

ملتان (شوبز نيوز) قتل ڪيل ماڊل قنديل بلوچ جي والدين مفتي عبدالقوي کي اصل ۽ مک ملزم قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مفتي عبدالقوي طرفان ڪروڙين رپين جي آڇ ڪئي وئي آهي پر اهي ڌيءَ جو خون پئسي جي لالچ ۾ اچي وڪرو نه ڪندا. هڪ رپورٽ مطابق قنديل جي والدين چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان ڪيس تي نظر رکي ته جيئن مرڪزي ملزم عبدالقوي کي سزا ملي سگهي. قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ عدالت خميس تي مفتي عبدالقوي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو هو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *