تازيون خبرون

مطالبا نه مڃيا ويا ته دمادم مست قلندر ٿيندو، روڊن تي نڪتاسين ته سرڪار کي خبر پئجي ويندي: بلاول

لاهور (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا 4 مطالبا ورجائيندي چيو آهي ته ميان صاحب 27 ڊسمبر ايترو پري نه آهي، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڀٽو جي تازه دم فوج تيار ٿي رهي آهي ۽ اسان کي رستن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، ائين ٿيو ته پوءِ ڌماڌم مست قلندر ٿيندو ۽ سڀ گڏجي جمهوري طريقي سان رائيونڊ جي آمريت کي ڪيرائينداسين، جڏهن ڀٽو جي زنجير بڻجي ويندي ته پوءِ شينهن ٻلي بڻجي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو پر هن ڀيري اسان ٻلي کي ڀڃڻ نه ڏيندسين، بينظير ڀٽو  جو پٽ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿين نه ڏيندو ۽ جيالن جي مدد سان پ پ جي حڪومت ٺهندي، بلاول ايندو ۽ انقلاب آڻيندو، اسان کي هڪ نئون منشور آڻڻو آهي، هڪ نئون ايجنڊا کڻي اينداسين، جيڪو اهڙو ايجنڊا هوندو جيڪو پاڪستان لاءِ مڪمل پريڪٽيڪل پراگريسو پليٽ فارم هوندو، ان پليٽ فارم تحت جمهوري سڌارن لاءِ جدوجهد ڪنداسين، اسان ملڪ ۾ سيڪيورٽي، معيشت، پرڏيهي پاليسي ۽ انصاف جي جمهوري انقلاب لاءِ سڌارا آڻينداسين، اسان ملڪ ۾ برابري جو نظام آڻينداسين، پ پ جو لاهور ۾ جنم ٿيو ان لاءِ سان بلاول جي انقلاب لاءِ لاهور جي چونڊ ڪئي آهي، اهڙن خيالن جو اطهار هن بلاول هائوس لاهور ۾  پ پ 49 هين يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي بختاور ڀٽو، آصفا ڀٽو، سيد خورشيد شاهه، سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، سيد مراد علي شاهه ، لطيف کوسو، قمر زمان ڪائرا، نثار کهڙو سميت ٻين اڳواڻن ۽ سڄي ملڪ مان آيل ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪارڪنن کي لاهور اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، مان لاهور سان پيار ڪريان ٿو، لاهور لاهور آهي، بينظير بينظير آهي ۽ بينظير هئي، لاهور هميشه پ پ کي بينظير محبت ڏني آهي، 1967 ۾ ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي لاهور محبت ڏني، شهيد ڀٽو لاهور مان انقلاب آندو هو، 1986 ۾ منهنجي امڙ جو لاهور ۾ بينظير آجياڻو ٿيو ۽ ان لاءِ اسان بلاول جي انقلاب لاءِ لاهور کي چونڊيو آهي، منهنجا جيالا اڄ گڏجي لاهور ۾ پارٽي جو 49 هون يوم تاسيس ملهائي رهيا آهن، لاهور داتا جي نگري آهي، لاهور پاڪستان جي ڌڙڪن آهي ۽ ان شهر ۾  پ  پ جو جنم ٿيو ۽ هڪ ٻي سڃاڻپ پ پ جو جهانگير بدر هو جيڪو اسان وٽ موجود نه آهي پر اسان جي دلين ۾ موجود آهي، هن چيو ته ڇا بي بي شهيد سان عوام جو سمنڊ نه هوندو هو پر هن ڪڏهن راولپنڊي ۾ ڌرڻو نه هنيو، ڪنهن چوڪ تي ڌرڻو نه هنيو، ڪنهن کي گارگند نه ڏني، رياستي ادارن تي حملو نه ڪيو، ڇو ته بي بي شهيد صرف هڪ سياستدان نه پر هوءَ هڪ بينظير ليڊر هئي، هن چيو ته پ پ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي زنجير طور سڃاتي ويندي آهي، هن چيو ته اسان هڪ نئون منشور آڻينداسين. صدر زرداري کي بنا سبب گناهن ۾ 12 سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ باعزت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، يوسف رضا گيلاني کي هڪ خط نه لکڻ تي وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو ويو پر دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرپشن اسڪينڊل پاناما اسڪينڊل آهي، پر عدالتون ۽ احتساب وارا ادارا خاموش آهن، حڪمرانن لاءِ پاناما ۽ غريبن سان زيادتي، نواب اڪبر بگٽي جهڙن سان ايف 16 سان بمباري، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي خاص سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٿي، حڪمرانن جي ٻارڙن لاءِ خصوصي سڪيورٽي جو حق آهي، جڏهن ته شهيد جي ٻارن کي ان حق کان محروم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پ پ جي جيالن ۾ سنڌ ۾ تبديلي آندي آهي، پارٽي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهيان، توهان بي بي شهيد جي پٽ جو ساٿ ڏيو ٿا ته سڄي ملڪ ۾ جمهوريت انقلاب آڻينداسين، اسان حڪومت کي 4 مطالبا پيش ڪيا آهن پر انهن کي پورو نه ڪيو پيو وڃي، مان اهڙو ڪهڙو مطالبو ڪيو آهي جو پورو نه ٿي سگهيو آهي، پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه نه گهريو آهي، عوام جي حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، پارليامينٽ کي طاقت ڏيڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، مان خريد ڪيل ججن ذريعي سزا ڏيارڻ يا ڪينگرو ڪورٽون جوڙڻ جو نه چئي رهيو آهيان پر مان جمهوريت ۽ احتساب جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ميان صاحب منهنجا  4 مطالبا مڃ، 27 ڊسمبر پري نه آهي، اسان رستن تي آياسين ته سڄي لاهور، پنجاب ۽ سڄو پاڪستان رستن تي نڪرندو، 27 ڊسمبر 2007 تي اسان بي بي شهيد کي اسان کان جدا ڪيو ويو، ان وقت هر طرف نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا ته ان وقت آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، جڏهن سڄو پاڪستان سڙي رهيو هو ته بي بي جي پٽ چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، بي بي شهيد پنهنجو رت ڏئي اسان کي جمهوريت ڏني ۽ عوام کي رياست سنڀالڻ جي ذميواري ڏني پر اڄ چيو وڃي ٿو ته اسان ناڪام رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ پنهنجا 5 سال پورا ڪيا، اسان شهيد ڀٽو جو ڏنل آئين بحال ڪيو، 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي اختيار ڏنا، اسان ڪي پي ڪي کي نالو ڏئي پختونن جي خوابن کي سچ ڪيو، اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن کي مالي آزادي ڏني ، پاڪ ايران گيس پائيپ لائين گوادر پورٽ ذريعي سي پيڪ جي پيڙهه رکي، بينطير انڪم سپورٽ ۽ وسيلا حق پروگرام سان غريبن جي مدد ڪئي  ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي ظلم ڪرڻ سبب به نواز شريف کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻايو پر اسان ناڪام آهيون، ها مان مڃان ٿو ته اسان هڪ شيءِ ۾ ناڪام رهيا آهيون ته اسان ڪرامتون نٿا ڪري سگهون، اسان بي بي شهيد کي زنده نٿا ڪري سگهون، هڪ وڪاميل جج، هڪ چينل ۽ مشرف جي دوستن ڪوشش ڪئي هئي ته  پ پ ناڪام ٿئي، اسان عدالتن ۽ شاهدين سان منهن ڏنو پر اڄ بينظير جو پٽ موجود آهي،ا يندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، توهان جي مدد سان ڀٽو جي پارٽي 2018 جي اليڪشن کٽيندي، هن چيو ته ڪارڪن چوندا هئا ته بلاول اچي ۽ پارٽي سنڀالي ۽ هو اچي ويو آهي ۽ پارٽي سنڀالي آهي، پارٽي جي تنظيم سازي جو عمل شرع ڪيو آهي، ناراض ماڻهن کي پرچائڻ لاءِ انهن وٽ وينداسين، هن چيو ته بي بي شهيد محروم ۽ پٺ تي پيل ماڻهن جي خوشحالي جو جيڪو خواب ڏٺو اسان ان موجب هلنداسين، اڄ ننڍا واپاري رڙيون ڪري رهيا آهن، ٽيڪسٽائيل ملن جا مالڪ هڙتالن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، استاد، ڊاڪٽر ۽ هر شعبي جا ماڻهو پنهنجن مطالبن لاءِ رستن تي آهن پر حڪمران پنهنجي مرضي جي فزيبلٽي جوڙي ٺيڪن تي ڏئي رهي آهي ۽ وڏي ڪميشن ورتي وڃي ٿي، ميان صاحب ڪجهه وڏن منصوبن سان قومي ترقي نه ٿيندي آهي، هن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته پ پ ورهاستي پارٽي بڻجي وئي آهي، پنهنجي مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ورهاست ۽ ميراس ۾ فرق هوندو آهي، ميراس رت جي لڪير آهي، پ پ  جي چيئرمين شپ گلن جو تاج نه پر ڪنڊن جي سيج آهي ۽ اهو جان ۽ قربانيون ڏيڻ جو نالو آهي، اڄ به چيئرمين ۽ پارٽي کي للڪار پيش آهن، هن چيو ته اسان حڪمرانن کي 4 نقطا ڏئي چيلينج ڪيو آهي، ان ۾ پ پ جو ڪو به فائدو نه آهي، 27 ڊسمبر تي بلاول ڀٽو زرداري ڀٽو شهيد ۽ بي بي شهيد جي ميراس کي کڻي هلندو، جيڪڏهن بلاول ڀٽو شهادتن واري ميراس سان اٿيو ته اسان جي اڳيان وڏا وڏا آمر نه بيهندا، ان موقعي تي ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *