تازيون خبرون
اقتصادي رابطا ڪميٽي3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - سنڌ حڪومت جو پاسڪو کان اضافي ڪڻڪ خريدڻ ۽ ذخيره اندوزن خلاف آپريشن جو فيصلو - 4 ڏينهن جيل ۾ نه رهندڙن جو رڙيون ختم نه پيون ٿين: فردوس عاشق - سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪليم امام جي بدلي روڪي ڇڏي، ڪم جاري رکڻ جي هدايت - صدر پاڪستان عارف علوي جو اين آئي سي وي ڊي جو دورو، معياري علاج جي تعريف، مريضن سان به ملاقات - مشهور رسالي ٽائم پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو - عارف علوي جو ڪم اسپتالن جا دورا ڪرڻ ناهي. سنڌ حڪومت تي الزام هڻي وفاقي وزيرن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: سعيد غني - تحريڪ انصاف ۾ ڌڙابندي، 20 ميمبرن الڳ گروپ ٺاهي ڇڏيو - مولانا فضل الرحمان هيل پنهنجي ڏڍ تي اسلام آباد آيو هو، هن ڀيري ملا ملٽري الائنس اڳ جهڙو نه هو: شيخ رشيد - 16 مهينن ۾ عوام کي نواز شريف جي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ فرق جي خبر پئجي وئي: ن ليگ

مصباح کي ٽي عهدا ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، سرفراز کي ٽيم مان ڪڍي زيادتي ڪئي وئي: جاويد ميانداد

 

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ بيٽسمين جاويد ميانداد وزيراعظم عمران خان کي چيو آهي ته  اوهان پاڻ ڏسي وٺو ته ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪهڙو حشر ٿي ويو آهي.جاويد ميانداد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پروفيشنلزم جي کوٽ آهي جيڪا ڊپارٽمينٽ ڪرڪيٽ سان ايندي آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي حوالي سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته هو هڪ بهترين وڪيٽ ڪيپر آهي ۽ ان جي ٽيم ۾ جڳهه ٺهي ٿي. سرفراز کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته سرفراز کي ڪپتاني تان هٽائڻ بورڊ جو فيصلو آهي پر کيس ٽيم مان ڪڍي زيادتي ڪئي وئي.جاويد ميانداد  وڌيڪ چيو ته وڪيٽ ڪيپر هميشه پنهنجي خراب وڪيٽ ڪيپنگ جي ڪري ٻآهر ٿيندو آهي. اڳوڻي ڪپتان آسٽريليا ۾ شڪست جي حوالي سان چيو ته آسٽريليا ۾ شڪست جو ذميوار ڪپتان اظهر علي کي چوڻ صحيح فيصلو ناهي. ٽيم جڏهن 70 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي وڃي ته ڪپتان ڇا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ٽيم وڏو اسڪور ڪندي آهي ته ان وقت ڪپتان جي پلاننگ ڏٺي ويندي آهي.جاويد ميانداد مصباح الحق جي عهدي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مصباح الحق کي 3 عهدا ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. مختلف ماڻهن کي عهدا ڏيڻ سان سٺا فيصلا سامهون ايندا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *