تازيون خبرون
ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو: وڏو وزير - ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ - جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟: اسپيڪر جو نوٽيس - نظام الائي ڪيئن پيا هلائين، خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟: چيف جسٽس - حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم - حڪومت سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري - آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي - آرمي چيف اليڪٽرانڪ وارفيئر اينڊ گرائونڊ سرويلينس ريڊار ليبارٽريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو - ڪراچي پوش علائقي مان ٽن گڏهن جون منڍيپن ۽ اوجهه هٿ، گوشت ڪيڏانهن ويو پوليس پريشان - آئي جي سنڌ حڪومت سان تعاون نٿو ڪري، اڳ ڪڏهن وفاقي ڪابينا ڪنهن آئي جي جي مقرري جي منظوري ناهي ڏني: سعيد غني

مشڪل معاشي حالتن باوجود حڪومتي قدمن سبب معيشت سگهاري ٿي آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اٽارني جنرل کي ايف بي آر بابت التوا هيٺ جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪيس جلد حل ٿيڻ سان ڪاروباري برادري جا مسئلا حل ٿيندا، ڪاروباري معاملن ۾ سولائي پيدا ٿيندي، ريفنڊنگ جي ادائگي جي سلسلي ۾ متعارف ڪرايل نظام کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معيشت سگهاري ٿي آهي، ڪاروباري طبقي جو اعتماد وڌيو آهي، مستحڪ ماڻهن کي در تي کاڌو فراهم ڪرڻ وارو قدم ساراهه جوڳو آهي، حڪومت منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سهولت فراهم ڪندي، هنرمند نوجوان لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم عمران جي صدارتي هيٺ سومر تي حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، اسد عمر، عمر ايوب، عبدالحفيظ شيخ، اٽارني جنرل انور منصور خان، فردوس عاشق اعواڻ، ڊاڪٽر ثانيا نشتر، نديم بابر، زبير گيلاني، رضا باقر، شوڪت ترين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، اعليٰ عدالتن ۾ ايف بي آر سان لاڳاپيل ڪيسن جي حوالي سان اڳڀرائي، ايڪسپورٽرز جي ٽيڪس ريفنڊ جون ادائگيون، ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت (تاپي) گيس لائين منصوبي ۾ اڳڀرائي، نان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي سلسلي ۾ قدم ۽ ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ کينل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اٽارني جنرل اجلاس کي سپريم ڪورٽ، اسلام آباد ها3 ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي آر سان لاڳاپيل التوا هيٺ ڪيسن تي بريف ڪيو، وزيراعظم اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته التوا هيٺ ڪيس جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش تيز ڪئي وڃي، هن چيو ته ايف بي آر سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ حڪومت جو موقف عدالت اڳيان رکڻ لاءِ اٽارني جنرل آفيس کي گهربل وسيلا فراهم ڪيا ويندا، وزيراعظم نان روينيو ٽيڪس وڌائڻ جي سلسلي ۾ ڪوششن کي ساراهيو، ترقياتي منصوبن تي عمل ۽ ان جي اڳڀرائي تي نظر رکڻ لاءِ سيڪريٽري رٿابندي ٻڌايو ته ترقياتي منصوبن جو پهريون 3 ماهي جائزو 21 آڪٽومبر پهرين نومبر دوران ورتو ويو جنهن ۾ سمورن ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سمورن ترقياتي منصوبن تي بروقت عمل ڪن، هن چيو ته ترقياتي منصوبن جو جائزو جنوري 2020، جڏهن ته ساليانو جائزو آگسٽ ۾ ورتو ويندو، ان سان گڏ وزيراعظم جي هدايت تي ترقياتي منصوبن جو ماهوار جائزو ورتو پيو وڃي، جهن ٻڌايو ته ترقياتي منصوبن کي اڳيان رکي نظر رکڻ لاءِ آن لائين نظام شروع ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏ ڏورانهن علائقن ۾ انهن منصوبن تي نظر رکڻ لاءِ سيٽ لائيٽ مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين اجلاس کي لاهور ۾ فوڊ بينڪ جاري ٿيڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم مستحڪ ماڻهن کي سندن در تي کاڌو فراهم ڪرڻ واري قدم جي ساراهه ڪندي چيو ته حڪومت هن منصوبي جي ڪاميابي لاءِ وڌ ۾ وڌ سهولت فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته حڪومت جو سمورو ڌيان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *