محبت ڪري ٻين تي حق نٿو ڄمائي سگهجي: ماوره حسين

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ماوره حسين چيو آهي ته محبت ڪري ٻين تي حق نٿو رکي سگهجي. اهڙو مثال هن پنهنجي ٽويٽ ۾ اهڙي ريت ڏنو جيئن سج ڪڏهن به زمين تي پنهنجو حق ناهي ڄمايو. هن چيو ته محبت هڪ خوبصورت احساس آهي ۽ هن ذريعي اوهان پنهنجي زندگي جي هر لمحي کي خوشگوار بڻائي سگهو ٿا. هن چيو ته ٻين تي پنهنجو حق ڄمائي سندن زندگي کي تنگ نه بڻايو پر ٻين کي به زندگي پنهنجي طريقي سان گذارڻ جو حق آهي. واضح رهي ته ماوره حسين بالي ووڊ ۾ پڻ ڪم ڪري چڪي آهي.جڏهن ته هن بالي ووڊ فلم ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. اداڪاره بالي ووڊ جي فلم “صنم تيري قسم” ۾ ڪم ڪري چڪي آهي جنهن ۾ هن هيروئن جو ڪردار نڀايو آهي ۽ فلم کي پاڪستان سميت ڀارت ۾ پسند ڪيو ويو ۽ اداڪارن توڙي سندس مداحن سندس واکاڻ ڪئي هئي.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.