تازيون خبرون

ماهره خان ۽ رنبير ڪپور جي نئين تصويرن سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

نيويارڪ: پاڪستاني اداڪارا ماهره خان ۽ بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور جي نئين تصويرن سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، تصويرن ۾ ٻنهي کي سگريٽ پيئندي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ماهره خان کي مختصر ڪپڙا پهريل آهن. اهي تصويرون نيويارڪ جي هڪ هوٽل ٻاهران ورتيون ويون آهن جتي ٻنهي کي مختلف انداز ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تصويرن ۾ ماهره خان کي اڇي رنگ جو لباس پهريل آهي ۽ سندس هٿ ۾ سگريٽ کي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. ان کان اڳ مارچ مهيني ۾ پڻ ٻنهي اداڪارن جي دبئي جي هڪ تقريب ۾ شرڪت دوران ٺاهيل وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ اهي ڳالهيون عام ٿيڻ لڳيون ته ٻنهي ۾ معاملو دوستي کان ڪجهه اڳتي وڌي ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *