تازيون خبرون
اقتصادي رابطا ڪميٽي3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - سنڌ حڪومت جو پاسڪو کان اضافي ڪڻڪ خريدڻ ۽ ذخيره اندوزن خلاف آپريشن جو فيصلو - 4 ڏينهن جيل ۾ نه رهندڙن جو رڙيون ختم نه پيون ٿين: فردوس عاشق - سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪليم امام جي بدلي روڪي ڇڏي، ڪم جاري رکڻ جي هدايت - صدر پاڪستان عارف علوي جو اين آئي سي وي ڊي جو دورو، معياري علاج جي تعريف، مريضن سان به ملاقات - مشهور رسالي ٽائم پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو - عارف علوي جو ڪم اسپتالن جا دورا ڪرڻ ناهي. سنڌ حڪومت تي الزام هڻي وفاقي وزيرن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: سعيد غني - تحريڪ انصاف ۾ ڌڙابندي، 20 ميمبرن الڳ گروپ ٺاهي ڇڏيو - مولانا فضل الرحمان هيل پنهنجي ڏڍ تي اسلام آباد آيو هو، هن ڀيري ملا ملٽري الائنس اڳ جهڙو نه هو: شيخ رشيد - 16 مهينن ۾ عوام کي نواز شريف جي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ فرق جي خبر پئجي وئي: ن ليگ

لاهور ۾ وڪيل گردي جي مذمت، وڪيل تنظيمون ذميواري پوري ڪن، نيب ڪو ادارو نه تماشو آهي: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعد غني چيو آهي ته لاهور ۾ وڪيلن پاران اسپتال تي چڙهائي ۽ ان جي نتيجي ۾ رپورٽ جي مطابق ڪجھ فوتگين جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وڪيل تنظيمن کان مطالبو ڪو آهي ته هو ان تي پنهنجي ذميواري پوري ڪن. نيب هڪ تماشو آهي ڪو ادارو ناهي. 6 مهينن تائين خورشيد شاھ بنا سبب جي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ هاڻ جي آئي ٽي بڻائڻ ياد آئي آهي. آصف علي زرداري جي رهائي حق جي فتح آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته 17 ڊسمبر تي فريال ٽالپور جي درخواست ضمانت تي به عدالت ميرٽ تي فيصلو ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين کي مٺائي کارائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان کان پهرين پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جن ۾ عورتون به شامل آهن انهن صحافين کي مڍائي کارائي ۽ پنهنجي پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي رهائي تي مبارڪون وصول ڪيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ڪندي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته لاهور ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي تي ٿيندڙ واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو هن چيو ته وڪيل اسان جي معاشري جي هڪ ذميوار برادري آهن ۽ کين قانون جو سڀ کان وڌيڪ پتو آهي. هن چيو ته کين قانون جو سڀ کان وڌيڪ خيال رکڻ گھرجي. سعيد غني چيو ته اڄ لاهور ۾ ٿيندڙ واقعن کي اسان مختلف خانگي چئنلن تي ڏٺو آهي اهي انتهائي افسوس ناڪ آهن جهڙي ريت هن ان وڏي اسپتال کي بند ڪيو ويو. مريضن کي پريشان ڪيو ويو ۽ مون کي علم ناهي ته هنگامي جي دوران ڪجھ فتگيون به ٿيون آهن هن چيو ته ان تي وڪيل تنظيمن کي سخت نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ وڪيلن جي وچ ۾ اهڙا ماڻهون جيڪي اهڙي قسم جي واقعن جو ڪارڻ آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي. سعيد غني چيو ته اڄ پوري پاڪستاني عوام کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو ته جو الله پاڪ جي ڪرم سان اسلام آباد هائي ڪروٽ مان آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. هن چيو ته اساسن ڪيترن ئي ڏينهن کان چوندا رهيا آهيون ته ضمانت ان جو حق آهي پر جيئن ته هو پاڻ ضمانت وٺڻ نه پيو چاهي ۽ هو عمران نيازي کي کيس جيل ۾ رکڻ ۽ کيس ٽوڙڻ جي خواهش جو جواب ڏئي رهيو هو پر جڏهن آصف علي زرداري جي گھر وارن ۽ پارٽي پاران درخواست ڪئي وئي ته ته هو ضمانت تي راضي ٿيو ۽ اڄ عدالت سڳوري ان جي بيماري کي نظر ۾ رکندي ميرٽ تي فيصلو ڏنو ۽ کيس ضمانت ڏني. سعيد غني چيو ته اسان کي اميد آهي ته جهڙي ريت آصف علي زرداري کي ضمانت ڏني وئي آهي اهڙي ريت 17 ڊسمبر تي فريال ٽالپور جي ضمانت جي درخواست تي عدالت ميرٽ تي فيصلو ڪندي ۽ هڪ عورت ۽ ٻئي پاسي خاص ٻار  کي نظر ۾ رکندي ان کي ضمانت ڏني ويندي. هن چيو ته فريال تالپور جي هڪ ٻارڙي اسپيشل چائلڊ آهي ۽ هن ڀيري هن قومي اسمبلي جي بجائي صوبائي اسيمبلي جي چونڊ انڪري وڙهي جو هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي سارسنڀال ڪري سگھي ڇو ته جڏهن هوءَ قومي اسيمبلي جي ميمبر هئي ته کيس هر اجلاس جي موقعي تي ان ٻارڙي پاڻ سان اسلام آباد گڏ آڻڻو پوندو هو ۽ اهو هڪ تڪليف وارو عمل آهي. ۽ هاڻ به جڏهن هوءَ 6 مهينن کان قيد ۾ آهي ته ان ٻارڙي تي توجه نه ڏئي سگھي آهي. هن چيو ته اڃان تائين فريال ٽالپور تي ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو ۽ نيب جيڪا جانچ ڪرڻي هئي اها به ڪري روتي آهي ۽ هاڻ هو جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي ۽ قانون جي مطابق جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو به الزام ثابت نه ٿئي ته ان کي جيل ۾ رکڻ رکڻ بنا سبب آهي ۽ ان جي ضمانت منظور ٿيڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ هتي ملڪ ۾ رهي ئي علاج ڪرائيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هن ملڪ ۾ نبي هڪ ادارو نه پر هڪ تماشو آهي هن چيو ته خورشيد شاھ تي 500 ارب روپين جي ڪرپشن جو الزام لڳائي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 6 مهينن تائين ڪجھ ثابت ناهي ٿيو ته جي آئي ٽي ٺاهڻ جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ هڪ اهڙي متنازع شخص کي ڊي جي نيب مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو اسان جي سياسي مخالفن جو ويجھو ساٿي هجڻ سان گڏوگڏ آصف علي زرداري جي زبان ڪٽڻ جي ڪيس ۾ به ملوث آهي. هن چيو ته ان شخص کي نيب جو ڊي جي ان ڪري بڻايو ويو آهي جو مان هميشه حسنين مرزا جي ڪرپشن تي ان کر گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندو آهيان ته ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان هميشه الزامن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو آهي ۽ هاڻ به اهو ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي گرفتاري غلط ڪيس بڻائي ڪئي وئي آهي ۽ جنهن فيڪ ڪيس جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي اهو ڪيس ئي غلط آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *