لاهوري وڪيلن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اسپتال تي ڪاهه، عوام۽ صوبائي وزير تي تشدد، 4 مريض فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ وڪيلن ڪاهه اسپتال اندر ۽ ٻاهر ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن سبب طبي امداد نه ملڻ جي ڪري 4 مريض فوت ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. گرينڊ هيلٿ الائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر سلمان حسيب موجب ان پرتشدد مظاهري دوران 4 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا پر رپورٽن موجب مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ وڪيلن طرفان ايمرجنسي وارڊن ۾ گهڙڻ کانپوءِ کين طبي امداد نه ملي سگهي. واضح رهي ته ڄاڻايل معاملو ان وقت شروع ٿيو، جڏهن وڪيلن الزام هنيو ته وائرل ٿيندڙ هڪ ويڊيو ۾ ينگ ڊاڪٽر وڪيلن تي ٽوڪَ ڪري رهيا هئا، جنهن تي هنن سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پر ڊاڪٽرن موجب وڪيلن جو هڪ ڌڙو انسپيڪٽر جنرل وٽ ويو هو ۽ کيس چيو هو ته ٻن ڊاڪٽرن خلاف اي ٽي اي جي قلم 7 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي پر انهن جي بقول آءِ جي ان معاملي تي انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ اڄ وڪيلن جو وڏو انگ ويڊيو جي معاملي تي احتجاج ڪرڻ لاءِ پي آءِ سي ٻاهران گڏ ٿيو پر اهو احتجاج پرتشدد ٿي ويو ۽ وڪيلن اسپتال جا ٻاهريان ۽ اندريان رستا بند ڪري ڇڏيا. رپورٽن موجب احتجاج ڪندڙ اسپتال جا گيٽ ٽوڙي اندر داخل ٿيا، انهن نه رڳو پٿر اڇلايا پر اسپتال جي ايمرجنسي جا شيشا ٽوڙيا ۽ لتن توڙي ڏنڊن سان ٻاهر بيٺل گاڏين جي ڀڃ ڊاهه ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه مريض اسپتال نه پهچي سگهيا، جڏهن ته اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن سان گڏوگڏ ڏيکارڻ لاءِ آيل مريضن توڙي سندن وارثن ڏکيائين کي منهن ڏنو. وڪيل اسپتال جي آءِ سي يو، سي سي يو ۽ آپريشن ٿيٽر ڏانهن به وڌيا، جڏهن ته انهن ڪجهه عملي تي به تشدد ڪيو ۽ عملي ڀڄي جان بچائي. رڳو اهو ئي نه پر مڇريل وڪيلن ميڊيا جي نمائندن کي به نه بخشيو، انهن تي به پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ خانگي ٽي وي چئنل جي عورت رپورٽر ڪنزا ملڪ زخمي ٿي پئي. بگڙيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس جي واڌو نفري پهتي ۽ ٺاپر جي ڪوشش ڪرائي پر مڇريل ماڻهن هڪ پوليس موبائل کي پڻ باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پوليس مڇريل وڪيلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي استعمال سان گڏ لٺبازي به ڪئي. ان موقعي تي پوليس ڪجهه وڪيلن کي گرفتار پڻ ڪيو، جنهن تي وڪيلن سول سيڪريٽريٽ ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو. خراب صورتحال تي پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد به پي آءِ سي پهتي، جڏهن ته ڊي آءِ جي آپريشن پڻ اسپتال پهتو. واقعي کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر ۽ سيڪريٽري پي آءِ سي اسپتال پهتو ۽ وڪيلن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

Author: Atif

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.